زوب ۾ سماجي ڪارڪن مسرت عزيز بي رحم ڀاءُ هٿان قتل

زوب ( ع آ نيوز)بلوچستان جي علائقي زوب ۾ سماجي ڪارڪن مسرت عزيز  بي رحم ڀاءُ هٿان قتل ٿي وئي آهي.  زوب ۾ سماجي ڪارڪن مسرت عزيز کي ڀاءُ  گهرائي گڏجي ماني کائڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار  پنهنجي ڀيڻ کي سماجي ڪمن  ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ کان روڪيو ته هن انڪار ڪيو. مقتولڻ جي ماءُ منور سلطانا چيو ته اهڙي عمر ۾ ڏک مليو جڏهن بار کڻڻ جي لائق ناهيان رهي. سندس امڙ چيو ته  ٻنهي کي گڏ ماني کائيندي ڏسي اسان سوچيو ته ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو معاملو حل ٿي ويو آهي، پر ڀيڻ جو ڪجهه ٻڌي ڀاءُ ڪمري مان نڪري ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ جڏهن واپس آيو ته هن وٽ پستول هو. هن پنهنجي هٿ ۾ فائر ڪيو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو. منوره سلطانه جو چوڻ  هو ته سندس ڌيءَ سوشل ورڪر هئي جنهن تي سندس هڪ پٽ اعتراض ڪيو هو ۽ چاهي ٿو ته سندس ڀيڻ پنهنجو ڪم ڇڏي ڏئي ۽ سوشل ميڊيا تي نه رهي. پر منهنجي ڌيءَ جو جواب هو ته مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ هن جو مشن آهي جنهن کي هوءَ ڇڏي نٿي سگهي.ژوب ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ حڪومت بلوچستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ملڪ احسان الحق مندوخيل چيو ته مسرت عزيز زوب جي مشهور سماجي ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن هئي. ژوب پوليس جي سب انسپيڪٽر روزي محمد جي فرياد تي مسرت عزيز جي قتل جو ڪيس فرار ٿيل جوابدار ۽ سندس زال خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 302، 109 ۽ 34 تحت داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب هڪ گولي مقتول جي مٿي تي لڳي، هڪ گولي منهن تي ۽ ٻه گوليون پيٽ ۾ لڳيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.