چوويهه ڪلاڪن ۾ رڳو ٻه وقت سگريٽ ٺپ نه پيئو!

عام طور تي ڪيترائي ماڻهو ماني کائڻ کان پوءِ سگريٽ ڇڪڻ کي هڪ عادت سمجهن ٿا، ۽ انهن جو خيال هوندو آهي ته اهو عمل ماني هضم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

طبي تحقيق ٻڌائي ٿي ته ماني کائڻ کانپوءِ سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي ۽ اها ڳالهه سائنسي طور ثابت ٿيل آهي.

جڏهن توهان ماني کائيندا آهيو ته توهان جي جسم جو هاضمي وارو نظام فعال طور ڪم ڪرڻ لڳندو آهي، جنهن دوران رت جو وهڪرو معدي ڏانهن وڌي ويندو آهي ته جيئن کاڌي کي بهتر طريقي سان هضم ڪري سگهجي. پر ماني کانپوءِ سگريٽ ڇڪڻ سان نڪتل نيڪوٽين سڌو رت جي وهڪري ۾ شامل ٿي، معدي جي ڪم ۾ خلل وجهندي آهي ۽ هاضمي جي عمل کي متاثر ڪندي آهي.

ساڳئي وقت، ماني کائڻ کانپوءِ توهان جي جسم جو حرارت ٿورو وڌندو آهي، جنهن جي ڪري سگريٽ مان نڪرندڙ زهريلا ڪيميڪل جسم ۾ وڌيڪ جلدي جذب ٿين ٿا.

مطالعي موجب، ماني کانپوءِ صرف هڪ سگريٽ ڇڪڻ، عام حالتن ۾ ڏهن سگريٽن جي برابر نقصان پهچائي سگهي ٿو. اهو عمل نه صرف ڦڦڙن لاءِ خطرناڪ آهي، پر اهو معدي جي تِري ۽ جگر تي به خراب اثر ڇڏي سگهي ٿو.

اهڙي عادت سان توهان جي صحت تي مختلف نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا، جيئن ته معدي جو السر، هاضمي جي تڪليف، ۽ ڦڦڙن جي بيماريون، جيڪي اڳتي هلي ڪينسر جهڙين خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

تنهن ڪري، جيڪڏهن توهان به اهڙي عادت جا عادي آهيو ته اهو وقت آهي ان کي ڇڏي ڏيڻ جو. ماني کائڻ کان پوءِ چانهه، ميوو، يا ڪنهن ٻين صحتمند عمل سان پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي صحت کي بهتر بڻايو.
ان سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن کي وري ننڊ مان جاڳڻ سان ئي سگريٽ پيئڻ جي عادت هوندي آهي جيڪو عمل مڪمل طور تي دماغ جي تباهي، اکين جي روشني گهٽ ٿيڻ، دماغ کان پاڻيٺ سڪڻ، ڦڦرن، دل ۽ معدي جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.

ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته نيراني سگريٽ پيئڻ کان به پاسو ڪيو وڃي.

سگريٽ پيئڻ ڪا سُٺي عادت ناهي انڪري هڪ ته ڪنهن کي سگريٽ پيئڻ نه گهرجي پر جيڪڏهن پيئڻو به آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ انهن ٻن وقتن تي سگريٽ پيئڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.