ام رباب چانڊيو جي انصاف لاءِ مثالي ۽ تاريخي جدوجهد

ميهڙ ۾ ٽي سال اڳ  شهر ۾   ڏينهن ڏٺي جو سرعام ام رباب چانڊيو جي والد سميت سندس ٽن گهر ڀاتين ڪرم الله چانڊيو، مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو پر ان قتل ڪيس جو ٽي ورهيه گذرڻ باوجود نبيرو نه ٿي سگهيو آهي. هن قتل ڪيس کي تڏهن شهرت ملي جڏهن ميهڙ جي نوجوان ڇوڪريءَ ام رباب پنهنجن وڏن جو عدالتي سطح تي يعني قانوني طور پلاند ڪرڻ جو چئلنج قبوليندي اڳتي آئي ۽ ٽن سالن کان انتهائي بهادري ۽ ثابت قدمي سان حالتن جو مقابلو ڪري رهي آهي. ٽيون ڏينهن به ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيائين ته هر ٻڌڻي تي مٿي تي ڪفن ٻڌي ٿا اچون، ڪنهن وقت به حملو ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ام رباب ٽن سالن کان جان جوکي ۾ وجهي ان  قتل ڪيس ۾ هٿ وجهيو ويٺي آهي.

بظاهر هي قتل ڪيس ام رباب چانڊيو جو ذاتي ڪيس آهي ته اها پنهنجي والد، ڏاڏا ۽ چاچا جي قاتلن کي قانون موجب سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر هن ڪيس جي روح کي ڏسجي ته هي  ساڳي وقت آئين، قانون ۽ انصاف جي بالاستي جو ڪيس آهي جيڪو هوءَ وڙهي رهي آهي. ان ڪري به اسان ۽ سنڌي عوام ام رباب سان گڏ بيٺو آهي.

اسان کي ان نياڻيءَ  سان ان ڪري به همدردي آهي جو هيءَ باهمت، بهادر ۽ بااصول آهي ۽ سنڌ جي ڪيترين ئي نياڻين لاءِ رول ماڊل بڻجي وئي آهي ته پنهنجي حق لاءِ انهن کي به ام رباب وانگر اڳتي اچڻ گهرجي. ام رباب اهڙو مثال قائم ڪري رهي آهي جنهن ڪري سندس اها جدوجهد تاريخي اهميت اختيار ڪري وئي آهي. هيءَ قانوني جدوجهد سنڌ جي ننڍڙي شهر ميهڙ جي هڪ اهڙي نياڻي جي آهي جنهن وڏيرن ۽ ڀوتارن کا ڊڄڻ بنا ميدان تي ٻاهر نڪرڻ جو يادگار عمل ڪيو آهي جيڪو غير روايتي عمل آهي.اسان کي چڱي ريت اندازو آهي ته اهو ڪو سولو ڪم ناهي، ام رباب پاڻ چئي ٿي ته هوءَ هر پيشيءَ تي مٿي تي ڪفن ٻڌي يعني پنهنجي جان سهائي ايندي آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن پنهنجي پياري والد، ڏاڏا ۽ چاچا جي انصاف لاءِ پنهنجي زندگي منسوب ڪري ڇڏي آهي.

پر هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ام رباب جي جدوجهد کي اهميت به ڏئي ٿي ۽ ان جو احترام به ڪري ٿي ته ڇا اسان جون عدالتون به ان ڪيس ۽ خاص ڪري ام رباب جي هر پيشيءَ تي مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرڻ واري ڳالهه جي حساسيت کي سمجهي ٿي يا نه، بظاهر ته نٿو لڳي ته ڪو اسان جون عدالتون ام رباب جي جان جوکي ۾ وجهڻ واري ڳالهه جي حساسيت کي سمجهن ٿيون جيڪڏهن اسان جون عدالتون ام رباب جي جدوجهد جي نزاڪت کي سمجهن ها ته هي قتل ڪيس ايڏو اينگهجي نه سگهي ها.

اهو به سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته عدالتن اندر هي قتل ڪيس سالن جا سال هلندي به ڇو نه نٿا نبرجن؟ ان جو جواب ممڪن آهي ته اسان جي عدالتي نظام جون پنهنجيون ڪوتاهيون هجن تنهن ڪري عام طور تي عدالتن جا ڪيس تڪڙ ۾ نٿا اڪلائجن. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي هڪ ڌار  وڏو موضوع آهي جنهن تي حڪومت ۽ پاڻ عدالتن کي به سوچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هي بيحد پراڻو ۽ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي. ماڻهن جون عمريون گذري وڃن ٿيون پر قتل ڪيس نه نبري نه ٿا نبرجن.

اهڙن ڪيسن ۾ ام رباب چانڊيو وارو به ڪيس آهي پر ڪمال آهي اسان جي سنڌ جي ان نياڻي جي اعصابي طاقت جي جو اها انهن ڊگهين پيشين مان نه بيزار ٿي آ، نه ٿڪي آهي، نه ڊني آهي ۽ نه ئي همت هاري اٿائين پر اڃان به چوي ٿي ته انصاف جي اميد آهي. اها اصل ۾ ام رباب جي وڏائي آهي ته اها عدالتن بابت مايوسي نه ٿي پکيڙڻ چاهي باوجود ان جي ته ملڪ جي عدالتي نظام جي تاريخ  عالم آشڪار آهي جيڪا ڪهڙي به دور ۾ ساکائتي ناهي رهي خاص ڪري ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ نظريهء ضرورت تحت اسان جي عدالتن جيڪي هاڃا ڪيا آهن تن جا خوف ناڪ اثر نه رڳو اڃان قائم آهن پر هاڻي به ان جو تسلسل نظر اچي رهيو آهي. تنهن ڪري اسان جي پارلياماني سياسي جماعتن کي عدالتي سڌارن جي ضرورت محسوس ٿي ۽ انهن نيٺ 26 هين آئيني ترميم آندي بهرحال عدالتي سڌارن تي ڪم ڪرڻ جي اڃان ضرورت آهي.

ام رباب چانڊيو به جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته هوءَ نه رڳو پنهنجي والد، ڏاڏا ۽ چاچا جي قتل ڪيس جي پوئيواري ڪري رهي آهي پر ساڳي وقت هوءَ آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي جو به ڪيس وڙهي رهي آهي جنهن سبب هوءَ قابل احترام مقام ماڻي رهي آهي ۽ هر ڪنهن جون همدرديون ام رباب سان آهن. اسان کي اميد آهي ته ام رباب کي عدالتون نامراد نه ڪنديون جيتوڻيڪ صورتحال اميد افزا ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ ۾ عدالتن کي ام رباب جي سيڪيورٽي جو ذمو کڻڻ گهرجي جيئن کيس اهو نه چوڻو پئي ته هوءَ مٿي تي ڪفن ٻڌي هر پيشيءَ تي ايندي آهي. اها حڪومت ۽ عدالتن جي ذميواري آهي ته عوام کي قانوني معاملن ۾ سازگار ماحول ڏين ٻي صورت ۾ پوءِ ماڻهو پاڻ ئي قانون هٿ ۾ کڻي وٺندا آهن.جيڪو به ظاهر ته آهي ته درست ردعمل ناهي تنهن ڪري حڪومت ۽ عدالتن کي گهرجي ته اهي ام رباب جي تحفظ کي يقيني بڻائين ۽ هن جي قتل ڪيس کي هاڻي ترت اڪلائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.