ڀٽو صاحب جا تاريخ ساز لفظ ھئا ته مون هن ملڪ جي عوام تي وڏو احسان ڪيو آھي جو انهن کي سياسي بيداري Political Awareness ڏني آھي جيڪا يادگار رهندي. ڀٽو پنهنجي سوچ ڪردار بهادري وطن پرستي ۾ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ زنده رھندو پر سندس پارٽي جي سرواڻي ڪرڻ وارا ڀٽو صاحب جي فڪر ۽ فلسفي کي عملي جامو نه پهرائي سگهيا آهن هو غريبن جو يار همدرد ۽ هڏڏوکي هو هن ملڪ مان غربت مٽائڻ ٿي چاهي هن بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ انڊسٽريز جو ڄار وڇائڻ پئي گهريو اسٽيل مل جو وجود ان جي ڪڙي هئي پر هن وقت سندس پارٽيء جا اڳواڻ اسٽيل مل خانگاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا واڪا ڏيئي رهيا آهن عوام غربت کان به هيٺ لڪير تحت زندگي گذاري رهيو آهي بيروزگاريء جو اهو عالم آهي جو نوجوان اجتماعي خودڪشيون ڪندي نظر اچن ٿا ملازمن کي پنهنجا جائز حق نه ٿا ڏنا وڃن جيڪڏهن ڪو حقن لاءِ احتجاج ڪري ٿو ته ان مٿان مارشل لا وارو تشدد ڪيو وڃي ٿو عورتن کي بينظير ڪارڊ جي نالي تي ذلت ۽ رسوائي ڏني وڃي ٿي. هاڻ سنڌ سڪائڻ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ جو سهرو به ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي جي سرواڻن جي سر مٿان آيو آهي ڇوته ان بل تي صحيح صدر آصف علي زرداري ڪئي آهي جيڪو پ پ پ جو ڪوچيئرمين آهي.
مطلب ته جيڪڏهن اڄ ذوالفقار علي ڀٽو زنده ھجي ھان ته ملڪ جون موجوده حالتون خراب نه ھجن ھان پر عوام جي دشمنن عوام کان سندن محبوب ليڊر کسي ورتو ۽ پاڪستان خاص طور تي سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو خال قيامت تائين ڀرجي نه سگهندو.