غزا جي آخري اسپتال جي قيدي ڊاڪٽر ۽ سندس پيار ڪھاڻي

اسرائيل ڪجھھ ڏينھن اڳ اتي ھلندڙ آخري اسپتال تي بھ بم ڪيرائي اھا بند ڪرائي ڇڏي،اتي جي ڊاڪٽر کي پڪڙي گم ڪري ڇڏيو.تازو اسرائيل ان جي وٽس ھئڻ جي تصديق ڪئي آهي. غزا جي  ڪمال عدوان اسپتال دنيا جي ميڊيا ۾ انڪري مشھور ٿي جو اھا روز خبرن ۾ رھندي ھئي. اسپتال جي  ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حسام ابو صفيه کي تحويل ۾ ورتو.ھن کان اڳ اسرائيلي اختيارين معاملي کان لاعلمي ظاهر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر حسام جي حياتي بابت خدشا وڌي ويا ھئا.اسرائيل  فوج ۾ ھڪ دفاعي فورس جوڙي آھي.جنھن کي عرف عام ۾ آءِ ڊي ايف، سڏيو وڃي ٿو.ان فورس جو چوڻ آھي تھ ڊاڪٽر کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.اسرائيل جو اھو خطرناڪ طريقو رھيو آھي تھ اسپتال، مسجد يا اسڪول تي بمباري ڪري پوءِ چيو ويندو آھي تھ ان جي اندر ويڙھاڪ موجود ھئا.سو ڊاڪٽر تي بھ ‘دهشتگرد هجڻ’ جو الزام ھنيو ويو آھي.

گذريل جمعي ڏينهن اسرائيلي فورس ڪمال عدوان اسپتال کي خالي ڪرايو ۽ ساڳئي وقت ڊاڪٽر ابو صفيه ۽ طبي عملي جي ٻين ميمبرن کي گرفتار ڪيو. جنھن تي ھن وقت بھ سموري دنيا چپ ڪري ويٺي آھي.ياد رھي تھ ھن وقت غزا ۾ ٻي ڪا بھ اسپتال ڪم نھ پئي ڪري ڇاڪاڻ جو ٻيون سڀ اسپتالون اڳ ۾ ئي بند ڪرايو ويون آھن.

خميس تي پي ايڇ آر آءِ (انساني حقن جي اداري ) ڊاڪٽر ابو صفيه جي حوالي سان اسرائيلي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. سندس چوڻ آهي ته عدالت آءِ ڊي ايف کي ڊاڪٽر ابو صفيه جي هنڌ جي پڌرائي لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏنو آهي.ان دوران ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سربراهه پڻ اسرائيلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ٻڌايو وڃي ته ڊاڪٽر ابو صفيه ڪٿي آهي.ڊاڪٽر ابو صفيه جي خاندان بي بي سي عربي کي ٻڌايو ته انهن کي يقين آهي ته هن کي ڏکڻ اسرائيل جي هڪ فوجي اڏي اندر رکيو ويو آهي.غزا جي صحت واري وزارت موجب جمعي جي ڏينهن علائقي ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ طبي عملي سميت 50 ڄڻا مارجي ويا هئا.

البينه ابو صفيه پنهنجي مڙس تي لڳايل الزامن کي رد ڪيو آھي. هوءَ قزاقستان جي شھري آهي ۽ پنهنجي ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي مڙس سان گڏ اتر غزا ۾ رهي  پئي.هن بي بي سي ، جي پروگرام ’غزا ٽوڊي‘ ۾ اسرائيلي فوج جي اسپتال تي حملي، ڊاڪٽر حسام جي گرفتاري ۽ پنھنجيءَ  پيار جي ڪهاڻي ٻڌائي.هي ڪا عام محبت جي ڪهاڻي نه آهي پر هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن لاءِ البينھ، نه رڳو پنهنجو ملڪ ڇڏيو پر خراب حالتن باوجود غزا ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.ان وقت کان وٺي، هن غزا ۾ ڪيترائي  لاها چاڙھا ڏٺا.جوءَ چئي ٿي ته سندس مڙس هميشه انسانيت جي خاطر پنهنجو فرض ادا ڪيو

البينھ انٽرويو جي شروعات مڙس جي گرفتاري سان ڪئي. هن چيو ته جنگ  شروع ٿيڻ باوجود  مون هن کي نه ڇڏيو ۽ هن ڪمال عدوان اسپتال کي نه ڇڏيو . هو زخمين ۽ بيمارن لاءِ ھر وقت  فڪرمند رھندو ھو. اسپتال نھ ڇڏيندو ھو.”اسان آخر تائين اسپتال اندر رهياسين. فوج جا سپاهي اندر گھڙي آيا ۽ چيو ته ھو اسپتال بند ڪرڻ چاھين ٿا.البينھ موجب سندس مڙس شروع کان ئي ماڻهن جي حفاظت لاءِ پريشان هو ۽ ان ڪري ئي هن اسپتال ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. هن اسرائيلي فوج کي صلاح ڏني ته هو اسپتال کي آهستي آهستي خالي ڪرايو.پر اسان حيران ٿياسين جڏهن اسپتال تي حملو ڪيو ويو ۽ عورتن کي  ٻاهر ڪڍيو ويو.۽ ھنن جو چوڻ ھو تھ سڀ مرد، طبي عملو انڊونيشيا جي اسپتال ۾ شامل ٿين. پر ڪو به مرد اچي نه سگهيو. اسان کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته انهن کي گرفتار ڪيو ويو ھو.ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي  طبي عملي کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر حسام ابو صفيه ۽ 10 ٻين کي   ڇڏيو ويو.ان وقت کان وٺي مون کي پنهنجي مڙس جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.ان دوران سمورا قانون لتاڙيا ويا.اسپتال تي حملي ۽ سندس مڙس جي گرفتاري کان اڳ واري صورتحال بابت البينھ  جو چوڻ آهي ته بمباري شديد هئي. آرڪائيوز، نرسنگ ڊپارٽمينٽ، اسپتال جو يارڊ ۽ آپريشن روم به سڙي ويا. بمباري  جي دونھون ڪري ساھ ٻوساٽجي ويو ھو.اسپتال جي ڀرسان گهرن کي نشانو بڻايو ويو. ‘اسان چٽو ٻڌي  رھيا ھئاسين تھ ملبي هيٺ دٻجي ويل ماڻھو  مدد لاءِ رڙيون ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن ايمبولينس جو عملو ٻاهر نڪتو ته  مٿن ڊرون حملو ڪيو ويو ۽ اهي سڀئي مارجي ويا.’.جڏهن پڇيو ويو ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي، هن چيو ته مان ڇا چوڻ چاهيان؟ سڄو غزا توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي. غزا کي توهان جي ضرورت آهي. طبي عملو توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي.’البينھ  چيو ته هن جي مڙس کي اسپتال جي ڀتين جي ٻاهران ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي. جنگ جي شروعات کان وٺي، هن جون سموريون ڪوششون ۽ توجهه زخمين ۽ بيمارن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي جان بچائڻ تي هئي.البينھ ٻڌايو ته ڊاڪٽر حسام ابو صفيه  منھنجي ملڪ قازقستان ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ آيو هو، جتي  ملاقات ٿي. جنھن بعد مون ڊاڪٽر سان  پيار ۾ پنھنجو ملڪ ڇڏي ڏنو.هو 1996 کان اتر غزه ۾  گڏ رهي رهيا ھئا.وٽس ۽ سندس ٻارن وٽ پرڏيهي شهريت آهي پر پوءِ به ھوءَ  ڊاڪٽر حسام وٽ رهي ٿو.هن اسرائيلي فوج کان پنهنجي مڙس جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.