اسلام آباد (نجم سيٺي) فوجي عدالتن مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي معافي ملڻ جو عالمي دٻاءَ سان ڪو واسطو ناهي. اهو لچڪ ڏيکارڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. تاڙي هميشه ٻن هٿن سان وڄندي آهي. اهو ملي ڀڳت سان ئي ٿيو آهي. ڪجهه ظاهري طور ٿي رهيو آهي، ڪجهه پردي پٺيان ٿي رهيو آهي. پردي پٺيان اهو بشريٰ بي بي ڪري رهي آهي. بشريٰ بي بي لاءِ ئي رستو ٺاهيو ويو هو ته ٻاهر نڪري. رياست جو موقف به اهو آهي ته ڳالهيون علي امين گنڊاپور ۽ عمران خان نٿيون ٿي سگهن ته بشريٰ بي بي سان ٿي سگهن ٿيون. اها برف جي ڳارڻ جي ڪوشش آهي. مرحلي وار نرمي ٿيندي ۽ ٻئي پاسي کان به عمران خان جو رويو به تبديل ٿيندو. اسٽيبلشمينٽ سڌي ريت بشريٰ بي بي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن جي حڪومت کي خبر آهي. وزيراعظم ان ڪري پريشان ته ٿيندو ته خبر ناهي ڪهڙي ڊيل ٿي رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ مڪمل کين اعتماد ۾ ناهي ورتو. هو حڪومت کي به قابو ۾ رکڻ چاهين ٿا ته هي نه وڏا ٿي وڃن. حڪومت به ان جي ڪري پريشان رهندي آهي ته اسان کي ٻڌائن کانسواءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اسٽيبلشمينٽ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي تي ڪنٽرول رکڻ چاهي ٿي. اسٽيبلشمينٽ لاءِ هن وقت اهم معاشي حالتون آهن. ڇو ته مٿن پريشر آهي، حڪومت تي به پريشر آهي، ماڻهو تنقيد به ڪندا آهن. ان جي ڪري معاشي انگ اکر اسان کي روز ٻڌايا پيا وڃن پر اسان جيترو ڪمائيندا هئاسين هاڻي ته ان کان ڪجهه گهٽ ڪمايون ٿا. اسان ڪجهه بچائي نه پيا سگهون. مهانگائي ان جي ڪري گهٽجي وئي آهي جو اسان وٽ خريد ڪرڻ جا پيسا ئي ناهن رهيا. اسان پنهنجا خرچ ئي گهٽائي ڇڏيا آهن ته شين جا اگهه ته گهٽجندا، ڇو ته ماڻهن کي مال به وڪرو ڪرڻو آهي. ائين ناهي ته اوهان جي آمدني وڌي رهي آهي ۽ پيداوار وڌي رهي آهي. اوهان جي رڳو خريداري گهٽجي رهي آهي. ملڪ ۾ رڳو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ واڌ ٿي رهي آهي. اهو چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ شهباز شريف ۾ ناراضگيون آهن، ائين ناهي. ٿورا گهڻا معاملا هلندا رهندا آهن پر ائين ناهي ته شهباز شريف کي هٽايو وڃي، اسٽيبلشمينٽ وٽ ٻيو آپشن ناهي، کين ڇا ملندو؟ ۽ ڪير ايندو سندس جاءِ تي؟ اسٽيبلشمينٽ سان وفادار شهباز شريف کان وڌيڪ ڪير ناهي. جيڪا ٽيم معيشت جي حوالي سان ٺاهي وئي آهي اها ته اسٽيبلشمينٽ ٺاهي آهي، شهباز شريف ته ناهي ٺاهي. ايس آءِ ايف سي به هو پاڻ ئي هلائي رهيا آهن. سياسي استحڪام لاءِ ڳالهيون به اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي، شهباز شريف رڳو ڪابينا اجلاس ڪري رهيو آهي. کيس جيڪو چيو پيو وڃي اهو هو ڪري ٿو. اصل معاملا ته اسٽيبلشمينٽ ڊيل ڪري رهي آهي. سعودي عرب، انٽريسٽ فري وياج، پرڏيهي امداد سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ هلائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڇو ايندو؟ بلاول ڀٽو زرداري اهو ناهي مڃي رهيو ته اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل ڪيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کي وڌيڪ پيسا ڏنا وڃن. اسٽيبلشمينٽ چئي رهي آهي ته وفاقي حڪومت وٽان جيڪا بجيٽ ملندي آهي اهي پيسا گهٽجي ويا آهن ان جي ڪري صوبا پيسا گهٽ ڪن. اها ڳالهه بلاول نٿو مڃي ۽ علي امين گنڊاپور به نه مڃيندو. ٻي ڳالهه اها آهي ته چولستان ۾ وڏا وڏا سيرپڪار تيار ٿي ويا آهن، کين ايس آءِ ايف سي طرفان چيو ويو هو ته زمين خريد ڪريو. هاڻي جڏهن انهن کان زمين جا پيسا گهريا پيا وڃن ته هو چون ٿا پاڻي ڏيو ته پيسا ڏيون. اهي 5 کان 6 ماڻهو آهن جيڪي پيسن بدلي پاڻي گهري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه چون ٿا ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، سنڌ جو پاڻي ڪاڏي کڻي ويندا؟ هنن ڪالاباغ ڊيم ئي نه ٺهڻ ڏنو هو. ٻئي پاسي مريم نواز به ڳالهيون ناهي مڃي رهي ۽ پ پ جي معاهدن تي عمل ناهي ٿي رهيو. آصف علي زرداري به ڊبل گيم کيڏندو آهي. آصف علي زرداري به ڪجهه سيڙپڪارن کي چيو ته خريد ڪريو. هو انڪار ته نه پئي ڪري سگهيو. کيس ايس آءِ ايف سي چيو ته اوهان به ڪجهه ڪريو. هن ڪري ته ڇڏيو پر پوءِ وري چئي ڇڏيائين ته پيسا ڏيڻ جي ضرورت ناهي، جڏهن پاڻي ايندو تڏهن ڏسنداسين پاڻي وري اچڻو ناهي. سياستدان هٿيار ڦٽا ناهن ڪندا، کڻي ڪيترا به معاهدا ڪيا وڃن، هو پنهنجي بقا لاءِ اهو ئي ڪندا آهن جيڪو کين ڪرڻو هوندو آهي، هو ڊگهو مدو ۽ ننڍو مدو ٻئي ڏسندا آهن، اهو انهن لاءِ ضروري هوندو آهي.