ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي انٽرميڊيٽ بورڊ جي امتحاني نتيجن تي شاگردن جي عدم اطمينانجو نوٽيس وٺندي ڪراچي انٽرميڊيٽ بورڊ جي چيئرمين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. امتحاني نتيجن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي عدم اطمينان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي گورنر لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ته امتحاني نتيجن جي ڇنڊڇاڻ تمام ضروري آهي.
، گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي جا شاگرد ۽ شاگردياڻين جا خدشا ختم ڪيا وڃن. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.