” شهباز شريف ته مشرف جو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ به تيار هو“ محمود اچڪزئي وڏا سوال اُٿاري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزئي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين تي سوال اٿاري ڇڏيو .
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته جنهن حڪومت وٽ جائز مينڊيٽ ئي ناهي، ان سان ڪهڙين ڳالهين لاءِ اجلاس ٿي رهيو آهي؟ اسان ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ دعا ضرور ڪنداسين، پر جتي اهڙا مسئلا هجن، اتي دعا قبول ناهي ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف اسان جو دوست آهي، پر هو ته مشرف جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ به تيار هو، نواز شريف همت ڪري شهباز شريف کي روڪيو هو، پر هاڻي نواز شريف به پوئتي هٽي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.