رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽربينڪ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربينڪ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 59 پيسا آهي.
انٽربينڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ اڄ 8 پيسن جي گهٽتائي ٿي، گذريل ڏينهن ڊالر 278 رپيا 64 پيسن تي بند ٿيو هو.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اڄ 15 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد 279 رپيا 85 پيسن تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.