اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ حنيف عباسي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزي جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي مٿس الزام مڙهيا آهن.
نون ليگ اڳواڻ حنيف عباسي چيو ته محمود خان اچڪزي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن اولهندي سرحد تي پاڪستان دراندازي جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، محمود خان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي همدردي ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هن عمر ۾ اهڙو ڪوڙ ڳالهائيندي هن کي شرم به نٿو اچي، شهباز شريف جي پنهنجي ڀاءُ سان وفاداري بابت ڳالهائڻ کان اڳ محمود خان پهريان پاڻ کي ڏسي.
حنيف عباسي چيو ته تاريخ شاهد آهي ته مشرف جي وزيراعظم بڻجڻ واري آڇ کي شهباز شريف ٿڏي ڇڏيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڀاءُ جو هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ شهباز شريف قيد ۽ بند جي تڪليفون برداشت ڪيون، جڏهن ته محمود خان منافقت واري سياست ڪندو رهيو آهي.