پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسف زئي چيو آهي ته اسان پنهنجي 2 مطالبن تان پوئتي نه هٽنداسين. حڪومت ڳالهين لاءِ 30 جنوري تائين آهي. شوڪت يوسفزئي چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني آهي. گرفتار ڪارڪنن جي آزاديءَ جا ٻه مطالبا آهن، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ . جيڪڏهن اسان جي ٻن نڪتن تي عمل ٿيو ته ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن ٿيون، پي ٽي آءِ انهن ٻنهي مطالبن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي.