9 مئي جي 19 جوابدارن جون سزائون معاف، منصفاڻي عمل جو ثبوت آهي: پاڪ فوج

راولپنڊي (م ڊ) 9 مئي سانحي جي 19 ڏوهارين جون سزائون معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب 9 مئي سانحي جي سزائن تي عمل ڪرڻ دوران ڏوهارين قانوني حق استعمال ڪندي رحم  ۽ معافي جون پٽيشنون داخل ڪيون، گڏيل طور تي 67 ڏوهارين رحم جون پٽيشنز داخل ڪيون. 48 پٽيشنز کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ اماڻيو ويو هو، 19 ڏوهارين جون پٽيشنون خاص انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيون ويون، داخل ڪيل ٻين رحم جي پٽيشنن تي عمل مقرر وقت ۽ قانون موجب ڪيو ويندو، سزائون معاف ٿيندڙن ۾ محمد اياز ولد صاحبزاده خان، سميع الله ولد مير داد خان، لئيق احمد ولد منظور احمد، امجد علي ولد منظور احمد، ياسر نواز ولد امير نواز خان، سعيد عالم ولد معاذالله خان، زاهد خان ولد محمد نبي، محمد سليمان ولد سعيد غني جان شامل آهن، انهي کان علاوه حمزه شريف ولد محمد اعظم، محمد سلمان ولد زاهد نثار، اشعر بٽ ولد محمد ارشد بٽ، محمد وقاص ولد ملڪ محمد خليل، سفيان ادريس ولد ادريس احمد، منيب احمد ولد نويد بٽ، محمد احمد ولد محمد نذير، محمد نواز ولد عبدالصمد، محمد علي ولد محمد بوٽا، محمد بلاول ولد منظور حسين ۽ محمد الياس ولد محمد فضل حليم جون سزائون معاف ڪيون ويون آهن، آءِ ايس پي آر چيو ته انهن ڏوهارين کي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويندو، ٻين سمورن ڏوهارين وٽ به اپيل ڪرڻ، قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن، سزائن جي معافي اسان جي منصفاڻي عمل ۽ انصاف جي مضبوطي جو ثبوت آهي اهو نظام همدردي ۽ رحم جي اصولن کي آڏو رکندي انصاف جي فراهمي کي يقيني بنائي ٿو. انهي کان اڳ اپريل 2024 ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو، ٻي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر 19 جوابدارن کي معاف ڪرڻ جي اعلان تي ردعمل ڏيندي چيو ته اها وڏي اڳڀرائي ناهي، تحريڪ انصاف ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل جي حق ۾ ناهي، ڪنهن به سويلين جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ نٿو ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ ان حوالي سان طئي ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.