انساني حقن بابت ڪميٽي 8 جنوري تي اڊيالا جيل جو دورو ڪندي

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين صاحبزاده  حامد رضا چيو آهي ته 8 جنوري تي اڊيالا جيل جي دوري لاءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي خط لکيو آهي، عامر ڊوگر ۽ ڊاڪٽر امجد به ڪميٽي جي دوري ۾ شرڪت جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

  • زرعي ٽيڪس ۾ واڌ خلاف بلوچستان اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو

ڪوئيٽا (م ڊ) مطالبن جي مڃتا لاءِ زميندارن پاران بلوچستان اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻو زرعي انڪم ٽيڪس ۾ واڌ ۽ سولرائزيشن جي رقمن جي ادائيگي ۾ دير خلاف هنيو ويو. مظاهرين چيو ته ظالماڻو زرعي ٽيڪس ڪنهن صورت منظور نه ڪنداسين، 15 جنوري تائين رهيل زميندارن کي سولر جي پيسا منتقل ڪيا وڃن. 28 هزار ٽيوب ويل سولرائزيشن منصوبي تحت رقم منتقل ڪرڻ تائين 6 ڪلاڪ بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

  • غيرقانوني اڏاوت ڪيس ۾ جوابدار عورت آزاد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني اڏاوت جي الزام ۾ سزا خلاف اپيل تي جوابدار مسمات پروين کي 2 لک رپين جي ضمانت عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٽرائل ڪورٽ جو  ڏنل سزا وارو فيصلو معطل ڪندي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڪورنگي 3 نمبر ۾ جوابدار خلاف غيرقانوني اڏاوت جو ڪيس آهي. ٽرائل ڪورٽ جوابدار جي حق ۾ شاهدين کي نظرانداز ڪندي 7 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڍ جي سزا ٻڌائي آهي. درخواست گذار چيو ته ڄاڻايل زمين ڪيس جي فريادي جي نه پر اوقاف کاتي جي آهي. درخواست ۾ جوابدار جي سزا معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.

  • ڳالهيون اختيار ڌڻين سان ڪرڻ چاهيون ٿا: لطيف کوسو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف سنڌ صوبي ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت  ۾ آءِ جي سنڌ پوليس پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اڳوڻي صدر عارف علوي خلاف 2018ع ۾ ڏکڻ ضلعي ۾ رڳو هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. سول لائنز ٿاڻي ۾ داخل ٿيل واحد ڪيس هو جيڪو اي ڪلاس ٿي ويو آهي. عدالت کي استدعا آهي ته درخواست رد ڪئي وڃي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل لطيف کوسي چيو ته ڳالهين سان مسئلن جو حل ٿي سگهي ٿو. ملڪ تي بالادستي عوام جي هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڳالهيون انهن سان ڪرڻ چاهيون ٿا جن وٽ اختيار آهي. ڪرم ايجنسي جو معاملو 70 سال پراڻو آهي، اها پي ٽي آءِ جي ڪاميابي آهي جو ڳالهين سان حل ٿيو. هن چيو ته عمران خان ۽ ٽرمپ ۾ جدوجهد جي هڪ جهڙائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.