پ پ اڳواڻن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي:زين شاهه

راڻي پور ( فياض حسين راڄپر ) سنڌودرياهه مٿان ڪو به ڪئنال سنڌي قوم کي قبول ناهي اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ڳوٺ وليداد لنڊ ۾ ايس يو پي سکر ڊويزن جي صدر بشيراحمد لنڊ سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيوته سنڌودرياهه  ڇھ ڪروڙ سنڌين جي وجود سان گڏ آھي ڪئنالن جي نيڪال ڪرائڻ ۾ پي پي پي برابر جي شريڪ آھي سنڌ ۾ پي پي پي وارا عوام سان ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن جن کي سنڌين ھاڻ سڃاڻي ورتو آھي ڪئنالن جي خاتمي تائين ايس يو پي پنھنجي جدوجھد جاري رکندي سنڌ ۾ پھريان ئي پاڻي جي کوٽ آھي ۽ ٺٽي بدين جون ھزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ ڊيلٽا پڻ تباھ ٿي رھيو آھي ٻئي طرف فارمنگ جي نالي تي سنڌين جي زمين جي والار ڪئي پئي وڃي جنھن سان سنڌين جي وجود کي خطرو آھي ھن چيو ته  پي پي پي ھاڻ محدود ٿي وئي آھي ۽ ان جا اڳواڻ مال ميڙڻ جي پٺيان آھن انھن کي عوام جي ڪابه پرواھ نه آھي ساڻس سان روشن ٻرڙو گڏھيو جڏھن ته  جسقم جو مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر يونين ڪائونسل سيٺارجا بالا جو چيئرمين ڊاڪٽر ذاڪر حسين سولنگي سميت ٻين پڻ بشيراحمد ،نظيراحمد سان تعزيت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.