راڻي پور (ن ع آ )سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آھي اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد رفيق ٻانڀڻ پارٽي ورڪرن سان ڳالهائيندي ڪيو،هن وڌيڪ چيوته سنڌ ۾ ڪٿي به قانون ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ھر طرف لاقانونيت آھي ڪير ڪنھن کان به پڇڻ وارو نه آھي ادارا تباھ ٿي ويا آھن،هن چيو ته عوام کي ڪابه بنيادي سھولت ميسر ناهي شھرن جي صورتحال پڻ خراب ٿي وئي آھي