ممبئي (ويب ڊيسڪ بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ جاچ آفيسر 25 ڪروڙ رشوت وٺڻ ۽ چيٽ ليڪس معاملن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 2020ع ۾ شاهه رخ خان جي پٽ آريان کي مبينا بين الاقوامي منشيات ريڪٽ جاچ جو حصو بڻائي گرفتار ڪيو ويو هو، ان وقت جاچ ٽيم قيادت نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو جي زونل ڊائريڪٽر سمير وانکيڙي ڪري رهيو هو.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران سمير وانکيڙي پنهنجي خلاف مبينا مهم، شاهه رخ خان سان سندس ليڪ ٿيل چيٽس ۽ آريان کي ڇڏڻ لاءِ رشوت وٺڻ جي الزامن بابت تفصيلي ڳالهايو آهي.
انٽرويو دوران ميزبان سمير کان سوال ڪيو ته ڇا ميڊيا کيس انڪري نشانو بڻايو ڇو ته هن هڪ سپر اسٽار جي پٽ کي گرفتار ڪيو؟
جنهن جو جواب ۾ هن چيو ”مان اهو نه چوندس ته مون کي نشانو بڻايو ويو، پر اهو چوندس ته مان سڀ کان خوش قسمت ماڻهو رهيو آهيان.“
هن چيو ته ” ڪو ڪيترو به وڏو ماڻهو ڇو نه هجي، قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي، ڪنهن به قسم جو پڇتاءُ ناهي، موقعو مليو ته وري به ائين ئي ڪندس.
جڏهن وانکيڙي کان شاهه رخ خان جي چيٽس بابت پڇيو ويو ته جنهن ۾ هن آريان خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي هن عدالت ۾ جمع ڪرايل حلف نامي جو حوالو ڏيندي ان بابت سڌو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پر هن واضح ڪيو ته هن چيٽ ليڪ نه ڪئي هئي.
وانکڙي چيو ”مان ايترو ڪمزور ناهي آهيان ته شيون ليڪ ڪريان.“
سمير وانکيڙي 25 ڪروڙ رپيا رشوت وٺڻ جي الزامن کي سختي سان رد ڪيو ۽ چيو ته”هن چيو ته مان آريان آزاد نه ڪيو هو حقيقت مان هن کي گرفتار ڪيو هو، ڪيس عدالت ۾ آهي ۽ مون کي ملڪ جي عدليا تي ڀروسو آهي.“
ياد رهي ته آريان خان ضمانت ملڻ کان اڳ 25 ڏينهن جيل ۾ رهيو ۽ پوءِ کيس سمورن الزامن مان آجو قرار ڏنو ويو هو.
You might also like