ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نئين سال جي شروعات تي پيپلز بس سروس 4 قسمن جي نين بسن سان پنهنجي نيٽ ورڪ کي وڌائي ڇڏيو.
هلندڙ سال جي شروعات تي پيپلز بس سروس ۾ 4 نون روٽن جي واڌ ۽ 40 نين بسن جي شموليت کانپوءِ شهر ۾ بسن جو انگ 300 ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته پيپلز بس سروس ۾ ڊيزل، اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ بسون شامل آهن، هائبرڊ بسن ۾ ڪجهه بيٽري تي ۽ ڪجهه سپر ڪيپيسيٽر تي هلنديون آهن.
ان حوالي سان پيپلز بس سروس جي مئنيجر عبدالشڪور چيو ته هن سال ڪراچي ۾ 40 نين بسن ۽ 4 واڌو روٽن ذريعي سروس کي وڌايو ويو آهي پر شهر کي اڃا وڌيڪ بسن جي ضرورت آهي، تنهن هوندي شهري ان سهولت مان مطمئن نظر اچن ٿا.
You might also like