ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ طرفان 5 جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو جو 97هون جنم ڏينهن صوبي جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پ پ سنڌ جي صدر نثاري کهڙي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ جون ضلعي تنظيمون پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ ڀٽو جي سالگرهه جي حوالي سان تقريبن جو اهتمام ڪن، سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي ڀٽو کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو.
هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ڀٽو جي ڪري آهي، جمهوريت خلاف سازشون ناڪام ٿينديون، ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو ته بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني، پاڪستان جي ايٽمي طاقت ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي هاڻ دنيا جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني عوام ۽ فوج پنهنجي ملڪي اثاثن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي، شهيد ڀٽو ملڪ کي گڏيل آئين ڏنو، پ پ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ پنهنجو جمهوري ڪردار نڀائيندي رهندي.
Next Post
You might also like