اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏئي ڀارت ۽ بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويا:ڊاڪٽر عشرت حسين

ڪراچي(م ڊ)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين چيو آهي ته جيڪو ملڪ پنهنجي عوام ۽ خاص ڪري نوجوانن کي اعليٰ تعليم نه ڏئي سگهي، اهو ڪڏهن به ترقي نٿو  ڪري سگهي.هو اربع ڏينهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ شاگردن جي تنظيم ”يونيسيارز انٽرنيشنل“ جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ڊي جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو.هن چيو ته 1990ع تائين ڀارت ۽ بنگلاديش اسان کان گهڻو پوئتي هئا ۽ ٻين ملڪن پاڪستان جي تيز رفتار ترقي جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هندستان ۽ بنگلاديش جيڪي اسان کان پوئتي آهن انهن تعليم تي ايترو ڌيان ڏنو جو اڄ هندستان ۽ بنگلاديش ۾ اعليٰ تعليم جي داخلا جي شرح 33 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي داخلا جي شرح اڃا 10-11 سيڪڙو آهي.مطلب ته 90 سيڪڙو نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن.ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته موجوده دور ۾ دنيا قدرتي وسيلن ۽ صنعتن ڏانهن نه پر ناليج اڪانامي ڏانهن وڌي رهي آهي. شاگرد شارٽ ڪٽ ۽ رٽا لڳائڻ کان پاسو ڪن.هن چيو ته جيڪڏهن توهان علم برقرار ۽ لاڳو نٿا ڪري سگهو ته توهان جون ڊگريون، سرٽيفڪيٽ ۽ ڊپلوما بي معنيٰ آهن.ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر خالد عراقي چيو ته تعليم کانسواءِ ڪو به ملڪ، قوم ترقي نٿي ڪري سگهي ۽ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح تعليم کي زندگي ۽ موت جو معاملو قرار ڏنو هو پر ان جي باوجود پاڪستان ۾ تعليم تي سيڙپڪاري کي هڪ بارسمجهيو ويندو آهي.تقريب کي  ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد عراقي،  يوني ڪيريئنز انٽرنيشنل جي صدر پروفيسر اعجاز احمد فاروقي، يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر پروفيسر محسن ۽ شاگردياڻين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر نوشين رضا، آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.