ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) هلندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ پراڻن رانديگرن جي واپسي جا امڪان آهن.
ذريعن موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ واحد وڪيٽ ڪيپر ڪپتان محمد رضوان هوندو، جڏهن ته فخر زمان، شاداب خان ۽ امام الحق جي اسڪواڊ ۾ واپسي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ 4 فاسٽ بالر شامل هوندا، جڏهن ته 3 اسپنرن کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويندو.
ذريعن اهو به ٻڌايو ته چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ 7 بيٽرز کي شامل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ کيڏي ويندي، ٽورنامينٽ 9 مارچ 2025 تائين جاري رهندي.
You might also like