اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چوڻ آهي ته ڊسمبر ۾ اوڳاڙي جي هدف جو 97 سيڪڙو حاصل ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڊسمبر ۾ هڪ هزار 328 ارب رپين جو روينيو جمع ڪيو ويو، جڏهن ته روينيو ٽارگيٽ هڪ هزار 373 ارب رپين جو هو.
ڇهن مهينن دوران ايف بي آر 5 هزار 624 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو، جڏهن ته ڇهن مهينن جو روينيو هدف 6 هزار 9 ارب رپيا هو.
ان لحاظ کان ڇهن مهينن دوران ايف بي آر روينيو جمع ڪرڻ جو 94 سيڪڙو حدف حاصل ڪيو.
ڊسمبر ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 791 ارب رپيا جمع ڪيا ويا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 414، فيڊرل ايڪسائز جي مد ۾ 69 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو.
ڊسمبر ۾ ايف بي آر کي 46 ارب رپين جو روينيو شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو، ڇهن مهينن دوران ايف بي آر جو روينيو شارٽ فال 386 ارب رپين تائين پهچي ويو