ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڌرڻي جي اوٽ ۾ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون ساڙڻ جو نوٽيس ورتو. ترجمان موجب شهري ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ناهي، احتجاج جو حق سڀني کي آهي پر نقصان پهچائڻ شرپسندي آهي. وڏي وزير چيو ته جن گاڏيون ساڙيون انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان ڌرڻي لاءِ مخصوص هنڌ ڏنو آهي. وڏي وزير اي آءِ جي کي صورتحال بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ طلب ڪئي.