نشي ۾ ڌُت اداڪار جي گهر ٻاهران هنگامو، گارڊ ڪپل شرما کي چماٽ وهائي ڪڍي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور فلمي ناقد، اداڪار ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي جي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس سيڪيورٽي گارڊ ڪپل شرما کي چماٽ هنئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ويجهڙ ۾ ميڪا سنگهه طرفان اِها دعويٰ ڪئي وئي ته ڪپل شرما ڪمال آر خان جي گهر ۾ هنگامو ڪيو هو.
ان ڏس ۾ ڪي آر ڪي پنهنجي يوٽيوب چينل تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته ميڪا سنگهه ۽ ڪپل شرما سندس ممبئي واري گهر آيا هئا.
ڪي آر ڪي ٻڌايو ته ”ميڪا سنگهه دعويٰ ڪئي ته هو ۽ ڪپل منهنجي ممبئي ۾ واري گهر آيا ۽ سيڪيورٽي گارڊ کان اندر وڃڻ جي اجازت گهري، پر گارڊ انڪار ڪري ڇڏيو، اوهان ان واقعي بابت گوگل تي ڳولا ڪري پڙهي سگهو ٿا.“
حقيقت اِها آهي ته هو ٻئي ان رات نشي ۾ هئا ۽ گهر کان ٻاهر وڃڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، ان ڪري منهنجي سيڪيورٽي گارڊز کين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چماٽ هڻڻي پئي ۽ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ان رات ڪپل ڪجهه ٽوئيٽس ڪيون هيون جڏهن مان صبح جو ٽوئيٽس ڏٺا ته ان تي رد عمل ڏنو هو.“
سندس چوڻ هوته ” ميڪا سنگهه ۽ هو پاڙيسري آهن، تنهنڪري ٻئي ڏينهن سندس گهر ويس ۽ کيس وارننگ ڏني ته اڳتي ائين نه ٿيڻ گهرجي، جنهن بعد هن معافي گهري هئي.“
واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ميڪا سنگهه هڪ انٽرويو دوران چيو هوته ڪي آر ڪي سندس دبئي ۾ پاڙيسري آهي، هن دعويٰ ڪئي ته ڪپل شرما ڪي آر ڪي تي ايترو ته ڪاوڙيل هو جو رات جو سندس گهر ٻاهران پهچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.