اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت ڏهن سالن کان وڏي عمر وارن ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرن کي ب فارم جو لازمي حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فيچرز تحت 10 سالن کان وڏي عمر وارن ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرن کي ب فارم جو لازمي حصو بڻايو ويو آهي ۽ خاص طور ب فارم ( رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ) مرحليوار 15 جنوري کان جاري ڪيو ويندو.
گهرو وزارت موجب، نادرا جي پاسپورٽ کاتي جي ڀائيواري سان ٻارن جي آڱرين جا نشان، تصوير ب فارم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، پهرئين مرحلي ۾ 15 جنوري کان ڏهن سالن کان وڏي ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي آڱرين جا نشان ۽ تصويرون ورتيون وينديون، آڱرين جا نشان ۽ تصويرون نادرا سينٽرز تي ورتيون وينديون.
ان ڏس ۾ گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته اهڙن قدمن سان ٻارن جي شناختي معلومات جي چوري ۽ غلط استعمال جي روڪٿام ۾ مدد ملندي.
هن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي جعلي سڃاڻپ ڪارڊز، غير قانوني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ انساني سمگلنگ جهڙن ڏوهن جي روڪٿام ٿي سگهندي.
You might also like