سال 2024 ۾ سون 52 هزار رپيا في تولو مهانگو

ڪراچي (رپورٽر) سال 2024 دوران عالمي سطح تي في اونس سون جي اگهه ۾ 25.55 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 23.90 سيڪڙو واڌ ٿي. مقامي بازارن ۾ في تولو سون جي اگهه ۾ مجموعي طور تي 52  هزار 600 رپيا ۽ 10 گرام سون جي اگهه ۾ 45 هزار 96 رپيا واڌ ٿي.

ايم ڪيو ايم اقليتي ايم اين اي موهن منجياڻي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قومي اسيمبلي ميمبر موهن مانجهاڻي پارٽي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. موهن منجياڻي ذاتي سببن جي ڪري  پارٽي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ استعيفيٰ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪلي ڇڏي.

2024ع ۾ 100 انڊيڪس ۾ 52 هزار 675 پوائنٽس جي تاريخي واڌ

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ۾ 2024ع دوران 84 سيڪڙو جو تاريخي واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس 2024 ۾ 52,675  پوائنٽ حاصل ڪيو. سال جي آخر ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 15 هزار 126 آهي.

بشريٰ بي بي جي عمران خان سان جيل ۾ ملاقات

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي. هو بلٽ پروف گاڏي ۾ اڊيالا جيل اندر وئي، بشريٰ بي بي خيبرپختونخواهه پوليس جي  پروٽوڪول ۾ جيل پهتي. اڳوڻي وزيراعظم اڊيالا جيل جي ڪانفرنس روم ۾ پنهنجي گهرواري سان ون آن ون ملاقات ڪئي، جيڪا 45 منٽ جاري رهي، تنهن کانپوءِ هو سينٽرل جيل اڊيالا مان روانو ٿي ويو. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جو وڪيل فيصل چوڌري ۽ ٻيا موجود هئا.

ڪراچي ۾ ڦورن هٿان زخمي ٿيل نوجوان زخمن جا سٽ نه سهندي فوت

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جيڪب لائين ۾ 2 ڏينهن اڳ ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو.گهرڀاتين موجب زين کي گهر جي در وٽ موبائيل فون چوري ڪرڻ دوران ڦورن گوليون هڻي قتل ڪيو.ڪراچي ۾ 2024ع ۾ ڦر دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 112 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.