ڌريون ۽ وڪيل به عدالتي فيصلن ۾ دير جا ذميوار آهن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )سپريم ڪورٽ ملڪيت جي تڪرار بابت جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته فيصلي ۾ دير جي ذميواري صرف عدالتن تي ئي عائد ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته اهڙي دير جا ذميوار ڌريون ۽ سندن  وڪيل به برابر جا ذميوار ۽ جوابده آهن . ملڪيت تڪرار بابت سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر 13 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالتن ۾ ڪيسن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو برداشت جوڳو ناهي، عوام جي طرفان فيصلي ۾ دير جي ذميواري صرف عدالتن تي عائد ٿئي ٿي. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته ڌريون ۽ انهن جا وڪيل به اهڙي دير جا ذميوار ۽ جوابده آهن، حقيقت ۾ التوا جون درخواستون داخل ڪرڻ دير جو وڏو سبب آهي.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ملڪ جي لڳ ڀڳ هر عدالت ۾ ڪيسن جي وڏي پئماني تي پيل ڪيسن بابت هر جج واقف آهي، وقت اچي ويو آهي ته عدالتون هيٺين سطح تي به مناسب انتظامي نظام کي برقرار رکن.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جج جو مشن انصاف جي فراهمي ۽ ڌرين وچ ۾ تڪرارن کي ملڪي قانون موجب حل ڪرڻ آهي.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڪيسن جي درجه بندي لاءِ مناسب اسٽريٽجڪ نظام موجود آهي، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اپيلن جي ٻڌڻي ۾ دير ٿيڻ سبب اڪثر جوابدار قيد دوران مري ويندا آهن يا سزا مڪمل ٿيڻ بعد جيل مان آزاد ٿي ويندا آهن. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته انصاف جي فراهمي ۾ دير انصاف کان انڪار آهي، هاءِ ڪورٽون آرٽيڪل 202، 203 تحت سول ڪيسن لاءِ وقت مقرر ڪرڻ لاءِ ماتحت عدليه لاءِ ضابطا ٺاهي سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.