ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند ۽ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي سرڪار جو ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو ملڪ کي ملٽي نيشنل ڪمپنين وٽ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو آهي. سنڌين، سرائيڪن ۽ بلوچن جي ڌرتي تي مڪمل طور تي عالمي ڪمپنين جو قبضو ٿي ويندو. حڪمران 60ع ۾ هڪ اهڙو ملڪ دشمن فيصلو هندستان کي ٽي درياهه وڪرو ڪرڻ وارو ڪري چڪا آهن. حڪمرانن ملڪ جي هر ورثي کي بازار جو وکر ڪري وڪرو ڪيو آهي. ملڪ جو صدارت هائوس ملڪ دشمن سازشن ۾ ملوث آهي. حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب ملڪ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. بين الاقوامي اداري سيو دي چلڊرين طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق مائرن کي کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب ڪمزور ٻارن جي پيدائش ۾ پاڪستان دنيا ۾ سرفهرست آهي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ به سرفهرست آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ سميت ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين غير ملڪي ڪمپنين کي ڏئي هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اَن ملٽي نيشنل ڪمپنين حوالي ڪري کاڌ خوراڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي. غير ملڪي ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي ۽ سڄي سنڌ ۾ شارٽ مارچ جاري رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.