نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ نئين سال جي موقعي تي امن امان جي قيام، هوائي فائرنگ جي روڪٿام ۽ ٽريفڪ انتظامن بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، زونل ڊي آءِ جيز، ضلعي ايس ايس پيز ۽ ٻين اعليٰ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. پوليس چيف آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا ته هو پنهنجي علائقن ۾ موثر گشت کي يقيني بڻائين ته جيئن هوائي فائرنگ جي واقعن کي روڪي سگهجي. شڪي ماڻهن تي خاص نظر رکي وڃي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هوائي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻهن جا هٿيار لائسنس فوري طور رد ڪيا وڃن. نئين سال جي جشن دوران ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ خاص ٽريفڪ پلان جوڙيو ويو آهي. سمورن ٽريفڪ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٽريفڪ جام جي مسئلن کان بچڻ لاءِ اهم روڊن، چوراهن ۽ ايونٽ جي هنڌن تي اضافي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.