سال 2024 صحافين لاءِ ڀيانڪ خواب، 60 ڄڻا شهيد

واشنگٽن ( م ڊ )سڄي دنيا ۾60 کان وڌيڪ صحافين ڊيوٽي دوران زندگيون وڃائي ڇڏيون، 2024ع ۾ 60 کان وڌيڪ صحافي ڊيوٽي دوران زندگيون وڃائي ويٺا،سال 2024 سڄي دنيا جي صحافين لاءِ ڏکيو سال ثابت ٿيو، هن سال 60 کان وڌيڪ صحافين ڊيوٽي دوران زندگيون وڃائي ڇڏيون.گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو جي رپورٽ موجب سال 2024 ۾ 68 صحافي ۽ ميڊيا ورڪر ڊيوٽي دوران فوت ٿي ٿيا.انهن مان 42 تڪراري علائقن ۾ مارجي ويا، جيڪو هڪ ڏهاڪي ۾ مارجي ويل صحافين جو سڀ کان وڏو انگ آهي. هلندڙ سال فلسطين تي اسرائيل جي جنگ ۾ 18 صحافي شهيد ٿيا، ٻيا صحافي يوڪرين، لبنان، شام، صوماليا ۽ ٻين تڪراري علائقن ۾ مارجي ويا. رپورٽ موجب دنيا جي انهن ملڪن ۾ جتي تڪرار جي صورتحال ناهي، اتي گذريل 2 سالن جي مقابلي ۾ هن سال صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن جي موت ۾ گهٽتائي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.