ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينج ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين جي اڏاوت دوران پاڻي جي لائن ٽوڙڻ ۽ سپلائي متاثر ٿيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي ، عدالت درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته اوهان سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو، عدالت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيئن متاثر ٿيا آهيو ، درخواستگذار واصف شاهه چيو ته مان ڪراچي جو شهري آهيان ، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هتي موجود هر ماڻهو ڪراچي جو شهري آهي، پوءِ ڇا هر شهري درخواست داخل ڪندو رهندو؟ ، عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته پهريان لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو وڃي ، شهري چيو ته لاڳاپيل اختيارين کي لکي ڇڏيو پر ڪجهه به نه ٿيو، درخواستگذار چيو ته واٽر بورڊ اختيارين ۽ بي آر ٽي لائين اختيارين وچ ۾ تعاون جو فقدان آهي ، درخواستگذار چيو ته بي آر ٽي لائين جي اڏاوت دوران پاڻي جي لائن ٽوڙي وئي، جنهن سبب ڪراچي جي شهرين کي هڪ مهيني کان پاڻي نه پيو ملي ، درخواستگذار چيو ته عدالت حڪم ڏئي ته ٻنهي اختيارين وچ ۾ سهڪار جاري رهي ، درخواستگذار چيو ته بي آر ٽي لائين جي اڏاوت دوران واٽر بورڊ جو عملو به موجود رهي ته جيئن پاڻي جي فراهمي محفوظ رهي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، ميئر ڪراچي، چيئرمين ٽرانس ڪراچي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو.