ڪرم ۾ معاملا نه نبريا، هڪ ڌر امن ٺاهه تي صحيح نه ڪئي

پشاور(م ڊ) ضلعي ڪرم جي امن جرڳي ۾ هڪ پارٽي طرفان معاهدي تي صحيح نه ٿي سگهي.خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ امن  جي قيام لاءِ گرينڊ امن جرگيءَ ۾ ٻئي ڌر پاران معاهدي تي صحيحون نه ٿي سگهيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف امن معاهدي تي صحيحون به ٿي چڪيون آهن، ٻئي طرف معاهدي تي صحيحن کانپوءِ اڄ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي. جرگي ميمبر جو چوڻ آهي ته اربع تائين جو وقت گهريو ويو هو، اڄ ئي اجلاس گهرايو ويو آهي. حاجي ملڪ ثواب خان جو چوڻ آهي ته جرڳو جلد ڪنهن نتيجي تي پهچندو، حڪومت جرڳي لاءِ اربع جو ڏينهن مقرر ڪيو هو. ٻنهي پاسن کان مورچا خالي ۽ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته هڪ طرف افغان بارڊر تان طالبان جي حملن جو خوف آهي ۽ هڪ طرف افغان حملي جي خوف سبب هٿيار جمع نه ڪرائي رهيا آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته معاملا جلد حل ڪيا وڃن ۽ رستا کوليا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.