ڪراچي (رپورٽر) ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي اسدالله ڀٽو پاراچنار جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومتي ڪن لاٽار، بي حسي ۽ ملڪ ۾ اشتعال انگيز ماحول مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڳجھيون قوتون هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ فرقيوار فسادن کي ڀڙڪائڻ جي سازش ڪري رهيون آهن. ملي يڪجھتي، ديني جماعتون ۽ محب وطن عوام اهڙي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندو. هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ايترو وڏو عرصو گذري چڪو آهي اتي اچ وڃ جا رستا بند آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي انساني جانين سان گڏ هڪ سو کان وڌيڪ ٻارڙن جي فوتگي حڪومتي ناڪامي ۽ بي حسي جي انتها آهي. پاراچنار ڪو علائقو غير ناهي، اهو ملڪ جو حصو آهي، پاراچنار سانحي کي فرقہ وارانه رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي،