پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان بحال ڪرڻ منهنجو ڪم آهي ۽ مان ڪندس. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته وٽس عوامي طاقت ناهي ۽ نه ئي عوام وٽ وڃي سگهان ٿو. هن چيو ته ڪرم جو امن مسئلو 50 سالن کان آهي، ڪرم جو مسئلو حل ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ڪندس. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪنهن جي ڪارڪردگي سندس معيشت مان ڏسي سگهجي ٿي، جيڪڏهن هن پنهنجي معيشت کي وڌايو آهي ته اڳتي آڻيو. علي امين گنڊاپور چيو ته اسان پنهنجي هدف کان مٿي 103 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن، پنجاب کي 150 ارب جو نقصان ٿي رهيو آهي، ان کانپوءِ چوندا آهن ته اسان وڏو ڪم ڪيو آهي، اها وڏي ڳالهه ناهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب خساري ۾ آهن، اسان جي حڪومت آءِ ايم ايف جا هدف پورا ڪيا آهن.