ڪراچي( رپورٽر) پاراچنار ۾ امن امان لاءِ ڪراچي جي مختلف هنڌن تي ڌرڻن سبب ٽريفڪ جي صورتحال خراب ٿي وئي. هڪ ڌر بعد ٻي مذهبي ڌر به ڌرڻا هڻي ڇڏيا، 20 کان مٿي هنڌن تي ڌرڻن سبب شهري رلي ويا. ڪيترن ئي روڊن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون نظر آيون. شهري سخت ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي ويا. نمائش چورنگي ۽ ملير 15 تي ڌرڻن خلاف ڪارروائين دوران ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين ۽ پوليس چوڪي کي باهه ڏني وئي آهي. نمائش چوراهي وٽ احتجاجي ڌرڻو ۽ مظاهرو جنگ جو ميدان بڻجي ويو نمائش چورنگي تي مذھبي جماعت پاران جاري مظاهرين جو پوليس تي پٿراءُ ۽ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. مظاھرين پوليس چوڪي، پوليس گاڏي ۽ موٽرسائيڪلن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪيترائي مظاھرين گرفتار ڪيا ويا. ڌرڻي ۾ شريڪ مظاھرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جڏهن ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا، مڇريل مظاهرين نمائش وٽ موجود پوليس پوسٽ کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ هڪ گاڏي کي باهه ڏني، پوليس جي 6 موٽرسائيڪلن کي پڻ باهه ڏني وئي. مظاھرين پوليس پاران اهلڪارن تي پٿراءُ ڪري زخمي ڪيو، هڪ ٻئي پوليس موبائل جا شيشا به ٽوڙي ڇڏيا. ڇڪتاڻ ۽ پٿراءُ واري صورتحال بعد پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي حراست ۾ وٺي مذهبي جماعت جي ڪيمپ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پاري جي معاملي تي مذهبي جماعتن جا 20 کان وڌيڪ هنڌن تي احتجاجي ڌرڻا جاري آهن. احتجاجي ڌرڻن سبب مختلف علائقن ۾ سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي، جڏهن ته آفيسن مان گهرن ڏانهن ويندڙ شهري ڦاسي ويا. سرجاني ڪي ڊي اي چورنگي، پاور هائوس، فائيو اسٽار، انچولي، عائشه منزل، رضويه چورنگي، لسبيلا ۽ نمائش چورنگي تي ڌرڻا جاري آهن. ٽاور، اسٽار گيٽ، عباس ٽائون، ابو الحسن اصفهاني روڊ تي به احتجاجي ڌرڻا جاري آهن. ڌرڻن سبب ٽريفڪ جي دٻاءُ سبب مسجد آباد، اورنگي ٽائون نمبر 5، ڪورنگي نمبر 5، ناردرن بائي پاس ۽ قائد آباد مرغي خانا تي به ڌرڻا هنيا ويا. ان کانسواءِ ناگن چورنگي، جوهر موري، يونيورسٽي روڊ تي به مذهبي جماعتن جا ڌرڻا جاري رهيا. ڪراچي ٽريفڪ پوليس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب ڪراچي ۾ رستن بدترين ٽريفڪ جام آهي، ابو الحسن اصفهاني کان عباس ٽائون ويندڙ روڊ مڪمل طور بند آهي. نواب صديق علي خان روڊ چورنگي ناظم آباد نمبر هڪ ٻنهي طرفن کان بند آهي.ترجمان موجب، شهري ۾ جاري احتجاج سبب ڪامران چورنگي کان موسميات کاتي ڏانهن ويندڙ روڊ بند آهي، جڏهن ته موسميات کان ڪامران چورنگي اچڻ لاءِ روڊ تي ڊبل ٽريفڪ هلي رهي آهي. پڌرائي موجب، نمائش چورنگي ٽريفڪ لاءِ بند آهي، انچولي کان سهراب ڳوٺ ويندڙ روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند آهي . ٽريفڪ پوليس جي بيان موجب، مين منگھوپير روڊ حبيب بينڪ چورنگي وليڪا اسپتال کان بڙا بورڊ ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي. بزنس رڪارڊر روڊ لسٻيلي کان گرو مندر ايندڙ وينڊر ٻئي رستا بند آهن.مين يونيورسٽي روڊ ناظم اعليٰ ڪٽ کان ٻنهي رستن تي ٽريفڪ معطل آهي.ٽريفڪ پوليس وڌيڪ چيو آهي ته مسافر صبر جو مظاهرو ڪن ۽ جيڪڏهن احتجاجي علائقن ۾ وڃڻ ضروري هجي ته متبادل رستن جي چونڊ ڪن. شهري وڌيڪ رهنمائي لاءِ ٽريفڪ هيلپ لائين 1915 تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.