ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پارا چنار متاثرن سان ايڪي جي اظهار لاءِ ايم ڊبليو ايم جي سڏ تي ڪراچي جي علائقي نمائش چورنگي جاري ڌرڻي دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي
پوليس طرفان مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته مظاهرين طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو .
احتجاج ڪندڙن نمائش چورنگي وٽ پوليس جي گاڏي سميت اهلڪارن جي ڇهن موٽرسائيڪلون ساڙي ڇڏيون، جڏهن ته پوليس چوڪي به باهه ڏني وئي آهي.
مظاهرين طرفان پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙيا ويا آهن، جڏهن ته پٿراءُ سبب ڪيئي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن.
پوليس طرفان ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس نمائش چورنگي تي موجود احتجاجي ڪئمپ ۾ پٽي ڇڏي آهي.
You might also like