ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2024 ۾ ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۾ 482ماڻهو جان کان هٿ ڌوئي ۽ 410 زخمي ٿي چُڪا آهن.
ڪراچيءَ ۾ 2024 ۾ جتي 100 کان وڌيڪ شهري اسٽريٽ ڪرائمز دوران مزاحمت سبب قتل ٿي ويا، اُتي ٽريفڪ حادثن ۾ پڻ ڪيتريون ئي قيميتي جانين جو زيان ٿيو.
هڪ رپورٽ موجب، ڏکڻ ضلعي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 44 ماڻهو فوت ۽ 82 زخمي ٿيا.
ڊسٽرڪٽ سٽي ۾ 10 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 21 ڄڻا زخمي ٿيا. سينٽرل ضلعي ۾ 52 ماڻهو روڊ حادثن ۾ موت جو کاڄ بڻيا ۽ 54 زخمي ٿيا.
ضلعي اوڀر ۾ به تيز رفتار گاڏين 51 ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو ۽ 80 زخمي ٿيا، ڪورنگي ضلعي ۾ به 70 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا جڏهت ته زخمين جو انگ 52 رهيو.
سال 2024 دوران سڀ کان وڌيڪ حادثا ضلعي اولهه ۾ پيش آيا، جتي 161 ماڻهو فوت ۽ 217 زخمي ٿيا. ملير ضلعي ۾ 130 ڄڻا حياتي تان هٿ ڌوئي ويٺا جڏهن ته 122 ڄڻا زخمي ٿيا.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته روڊ حادثن ۾ حياتيون وڃائيندڙ اڪثريت موٽر سائيڪل سوارن جي هئي.
شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جا وقت مقرر هجڻ باوجود حادثا جاري رهيا.
واٽر ٽينڪر جي ٽڪرن سبب 2024 دوران 51 ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا ، آئل ٽينڪر جي ٽڪر 10، ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ سبب 71، ٽريلر حادثي ۾ 69، مسافر بسن جي ٽڪر جي نتيجي 48 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته ڊمپرن 32 ماڻهن کي چيڀاٽي ڇڏيو.
ان کانسواءِ شهر ۾ ٽٽل روڊ، تعميراتي ۽ ترقياتي ڪم ۽ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين پڻ حادثن جو وڏو سبب رهي.
You might also like