2024: ڪيئي وڏا نالا ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ويا

لاهور(ويب ڊيسڪ ) اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سال 2024 ڪرڪيٽرن جي رٽائرمينٽ جو سال رهيو ۽ ڪيئي وڏا نالا ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ويا.
سال 2024 ۾ ڪيترن ئي رانديگرن عالمي ڪرڪيٽ يا مخصوص فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ڪجهه رانديگرن مڪمل طور تي ڪرڪيٽ کي الوداع چيو.
پوءِ اچو ته پهريان انهن ڪرڪيٽرز جي ڳالهه ڪريون ٿا جيڪي هن سال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي سڀني فارميٽس تان رٽائر ٿي ويا.

عماد وسيم ۽ محمد عامر
پاڪستاني آل رائونڊر عماد وسيم ۽ فاسٽ بالر محمد عامر هن سال ڊسمبر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. ٻنهي رانديگرن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي رٽائرمينٽ واپس ورتي هئي.

روي چندرن ايشون
ڀارت جي هڪ ٻئي اسٽار اسپنر روي چندرن اشون ڊسمبر ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هن 106 ٽيسٽ ميچن ۾ 537 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جيمز اينڊرسن
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن هن سال مئي ۾ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
جولاءِ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي آخري ٽيسٽ کيڏڻ کانپوءِ جيمز اينڊرسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو.
جيمز اينڊرسن پنهنجي آخري ٽيسٽ ۾ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، هن مجموعي طور تي 188 ٽيسٽ ميچن ۾ 704 وڪيٽون ورتيون ۽ هو 700 کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو ٽيون بالر بڻيو.
جيمز اينڊرسن ٽنهي فارميٽن ۾ گڏيل طور تي 991 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

شيکر ڌون
هن سال آگسٽ ۾ ڀارتي اوپنر شيکر ڌون انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان باظابطا طور رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هو 2022ع کان پوءِ ڀارت جي نمائندگي نه ڪري رهيو هو.
پر هو ڌون ايندڙ سال ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو، جيڪا رٽائرڊ رانديگرن جي ٽورنامينٽ آهي.

ڊيوڊ ملان
آگسٽ 2024 ۾ انگلينڊ جي کاٻڙي بيٽر ڊيوڊ ملان عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هو 2023 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ قومي ٽيم جو حصو نه رهيو.

شينن گيبريل
ويسٽ انڊين فاسٽ بالر شينن گيبريل هن سال آگسٽ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع چيو. ها پر هو ڊوميسٽڪ ۽ فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.

ڊيوڊ وارنر
آسٽريليا جو جارح مزاج اوپنر ڊيوڊ وارنر گذريل سال ون ڊي ۽ ٽيسٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو. هن جون 2024 ۾ ٿيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ هو عالمي ڪرڪيٽ جي سڀني فارميٽن تان به رٽائر ٿي ويو.

ڪولن منرو
نيوزيلينڊ جي جارح مزاج بيٽر ڪولن منرو هن سال مئي ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو، هو فرنچائز ڪرڪيٽ جاري رکندو.

معين علي
انگلش آل رائونڊر معين علي، جيڪو اڳ ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪو هو، هن سال 8 سيپٽمبر تي عالمي ڪرڪيٽ تان به رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هاڻي ليگ ڪرڪيٽ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

ڊين ايلگر
ڏکڻ آفريڪا جي تجربيڪار بيٽر ۽ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ڊين ايلگر دسمبر 2023 ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ۽ هن سال جنوري ۾ ڀارت خلاف هوم ٽيسٽ سيريز کانپوءِ هن باضابطا طور تي ڪرڪيٽ ڇڏي ڏني.

ڊيوڊ ويزا
پهريان ڏکڻ آفريڪا ۽ پوءِ ناميبيا جي نمائندگي ڪندڙ آل رائونڊر ڊيوڊ وِيزا هن سال ٽي 20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ سڀني بين الاقوامي فارميٽس تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
ڊيوڊ وِيزا پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي پڻ ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تمام گهڻي شهرت ملي آهي، آل رائونڊر ليگ ڪرڪيٽ جاري رکندو.

سيبرانڊ اينگلبرڪٽ
نيڌرلينڊز جي ڪرڪيٽر سيبرانڊ اينگلبرڪٽ، جيڪو ماضي ۾ ڏکڻ آفريڪا جي انڊر 19 ٽيم جي نمائندگي ڪئي، ٽي 20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ کان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

دنيش ڪارتڪ
ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر دنيش ڪارتيڪ هن سال جون ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏي ڏني، پر هو ڏکڻ آفريڪا جي ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ايندڙ سيزن ۾ پارل رائلز سان کيڏڻ لاءِ معاهدو ڪري چڪو آهي.

سورڀ تيواري
ڀارتي بيٽر سورڀ تيواري جنهن ڀارت لاءِ پنهنجي آخري ميچ 2010 ۾ کيڏي هئي، هن سال فيبروري ۾ رنجي ٽرافي ۾ جھارکنڊ جي نمائندگي ڪرڻ کانپوءِ پروفيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

نِيل ويگنر
نيوزي لينڊ جي کاٻڙي فاسٽ بالر نِيل ويگنر هن سال فيبروري ۾ آسٽريليا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

ڪيدار جادو
82 عالمي مقابلن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندڙ ڪيدار جادوَ هن سال جون ۾ هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي، هن آءِ پي ايل ۾ به مختلف ٽيمن جي نمائندگي ڪئي.

ول پوڪووسڪي
هلندڙ سال آگسٽ ۾ رڳو 26 ورهين جي عمر ۾ آسٽريليا جي بيٽر ول پوڪووسڪي کي ڪرڪيٽ جي سڀني فارميٽس تان رٽائر ٿيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته طبي ماهرن کيس مٿي تي لڳڻ سبب ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو هو.

برندر سران
هلندڙ سال 30 اگست تي ڀارتي فاسٽ بالربريندر سران انسٽاگرام پوسٽ ذريعي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، هن 2016 ۾ ڀارت لاءِ 8 ميچون کيڏيو هيون.

ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ ڪرڪيٽر

ٽِم سائوٿي
نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ٽم ساوٿي جو ٽيسٽ ڪيريئر 17 ڊسمبر تي انگلينڊ خلاف سيريز جي پڄاڻي سان ختم ٿي ويو، هن انگلينڊ خلاف سيريز جي پڄاڻي تي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان کي الوداع چيو، ٽم سائوٿي 2008 ۾ انگلينڊ خلاف ئي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ 107 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي 391 وڪيٽون حاصل ڪيون.

هينرڪ ڪلاسن
ڏکڻ آفريڪا جي جارح مزاج وڪيٽ ڪيپر بيٽر هينرڪ ڪلاسن هن سال جنوري ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيو، ڏکڻ آفريڪي سليڪٽرز هن کي ڊگھي فارميٽ ۾ گهڻا موقعا نه ڏنا، هن 2019 ۾ ڊيبيو کانپوءِ رڳو 4 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، هو ون ڊي ۽ ٽي 20 ۾ ڏکڻ آفريڪا جي نمائندگي جاري رکيو آهي.

ٽي ٽوئنٽي تان رٽائر ٿيندڙ رانديگر

ڪوهلي، شرما ۽ جاڙيجا
ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ۽ ڪپتان روهت شرما، ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ هن فارميٽ کي هميشه لاءِ الوداع چيو. ها پر ٻئي رانديگر ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڀارت جي نمائندگي جاري رکندا، رويندرا جاڙيجا هن سال جون ڀارت جي ورلڊ چيمپئين بڻجڻ کانپوءِ رويندر جاڙيجا مختصر فارميٽ تان رٽائرمينٽ ورتي،

شڪيب الحسن ۽ محمود الله 
بنگلاديش جي اسٽار آل رائونڊر شڪيپ الحسن هن سال سيپٽمبر ۾ اعلان ڪيو هو ته جون ۾ ٿيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ سندس هن فارميٽ ۾ آخري ٽورنامينٽ هو ۽ هو هاڻي ٽي 20 انٽرنيشنل تان رٽائر ٿي چڪو آهي.
شڪيب الحسن آڪٽوبر ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو،2021 ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوندڙ بنگلاديشي آل رائونڊر محمود الله هن سال آڪٽوبر ۾ ٽي 20 انٽرنيشنل تان به رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو، محمود الله ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ بنگلاديش جي نمائندگي جاري رکندو.

برائن مسابا
يوگنڊا ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان برائن ماسابا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ هن فارميٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، هو ون ڊي فارميٽ لاءِ يوگنڊا ٽيم لاءِ دستياب رهندو..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.