پارا چنار واقعي خلاف ڪراچي جي مختلف هنڌن تي ڌرڻا، ٽريفڪ جام، شهري پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پارا چنار جي متاثرن سان ايڪي جي اظهار لاءِ ايم ڊبليو ايم جي سڏ تي ڪراچي ۾ 5 جاين تي ڌرڻا جاري آهن، جنهن سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪامران چورنگي تي پوليس طرفان احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون جاري آهن ، جڏهن ته مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ ۽ روڊ کولڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، ڌرڻن سبب ڪامران چورنگي کان موسميات ويندڙ روڊ بند آهي.
عباس ٽائون ۾ به پوليس مظاهرين سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهي آهي. عباس ٽائون اچ وڃ وارو روڊ ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند آهي.
مظاهرين کي اُٿارڻ لاءِ پوليس طرفان طاقت جو استعمال ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
سفاري پارڪ جي ويجهو ڌرڻن سبب ڪراچي يونيورسٽي کان نيپا ويندڙ روڊ بند آهي.
ايم اي جناح روڊ نمائش سگنل کان گرومندر روڊ کوليو ويو آهي، جڏهن ته صدر کان نمائش ايندڙ روڊ بند آهي، نمائش سگنل تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پرامن ڌرڻن خلاف نه آهيون، پارا چنار مسئلي جو حل خيبرپختونخوا ۾ ئي ٿيڻو آهي، مسئلي جي حل لاءِ سنڌ حڪومت به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
وڏي وزير ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ڪراچي ۾ 12 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا هئا، هاڻي ڪراچي ۾ 4 جاين تي ڌرڻا جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ماڻهن کي پريشاني مان ڪيئن ڪڍيو وڃي ، جيڪي ڌرڻا باقي آهن، اهي به ڳالهين ذريعي ختم ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.