” نئون سال سوچي سمجهي ملهائجو“ ڪراچي پوليس عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته نئين سال جي موقعي تي فائرنگ ڪرڻ وارن خلاف اقدامِ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ماڻهن جي آگاهي لاءِ شهر جي مختلف مسجدن مان اعلان ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ ماڻهن کي نئين سال جي موقعي فائرنگ ڪرڻ خلاف کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.
ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته روڊن، گهٽين ۽ عوامي هنڌن تي گشت، پڪٽنگ ۽ اسنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي نئين سال جي موقعي تي فائرنگ ڪرڻ وارن خلاف اقدامِ قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.