نيوزيلينڊ سميت دنيا جي مختلف حصن ۾ نئين سال جي شروعات ٿي وئي

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ ۾ نئون سال 2025 شروع ٿي ويو آهي، جنهن جو استقبال ملڪ ۾ رنگا رنگ تقريبن سان ڪيو ويو.
نئين سال جي موقعي تي نيوزي لينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ آسمان رنگا رنگ آتشبازي سان جڳمڳائڻ لڳو.
سب کان پهرين سال نئون ڪٿي شروع ٿيو؟
پاڪستاني وقت موجب شام جو 4 وڳي نيوزيلينڊ ۾ نئين سال جي شروعات آتشبازي سان ٿي.
نيوزيلينڊ کان اڳ ٽونگا، سمووا ۽ ڪيريباتي ۾ نئين سال جي شروعات پاڪستاني وقت موجب منجهند جو 3 وڳي ٿي وئي.
آسٽريليا ۾ نئين سال جي شروعات سڊني ۾ آتشبازي سان پاڪستاني وقت موجب شام و 6 وڳي ٿي پر ان کا اڳ ئي سڊني هاربر تي هڪ فيملي شو رٿيو ويو.
آسٽريليا کان پوءِ جاپان، ڪوريا، انڊونيشيا ۾ نئين سال جي ترتيبوار شروعات ٿيندي پئي وڃي ان کان پوءِ ڏکڻ آفريقي ملڪ روس، يورپي ملڪن ۽ آخر ۾ آمريڪا ۾ نئين سال جو جشن ملهايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.