اسلام آباد(مهتاب حيدر+وقار ڀٽي)پاڪستان جي معيشت جي اوسر جي شرح جولاءِ کان سيپٽمبر دوران رڳو هڪ سيڪڙو رهي،صنعتي پيداوار اڃا ڪاٽو 1.3 شرح ۾ آهي،جڏهن ته زراعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي،في ڪس آمدني 1669 ڊالر آهي،ڀارت ۾ في ڪس آمدني 2423 ڊالر آهي،بنگلاديش جي في ڪس آمدني 2624 ڊالر آهي،هلندڙ معاشي سال ڪپهه جي پيداوار ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي،مڪائي 15 سيڪڙو،چانور1.2 سيڪڙو،ڪمند 2.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي،حڪومتي دعوائن جي ابتڙ قوت خريد ناهي وڌي،طلب سڪڙجي وئي آهي،ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگار ۾ واڌ ٿي آهي،آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي ڪڻڪ سميت ڪنهن به فصل جي امدادي قيمت هن سال مقرر نه ڪئي وئي،آبادگار ۽ هاري طبقي کي نقصان پهتو آهي،هن سال ڪڻڪ درآمد ٿيڻ جو امڪان آهي،حڪومتي خواهشن جي ابتڙ گهٽ پوکائي ٿي آهي،جڏهن ته وياج شرح 22 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي پهتي آهي،هاڻي معيشت ٻئي ٽه ماهي ۾ ڪجهه وڌندي،سياسي استحڪام آيو ته معيشت ۾ ڪجهه سڌارو اچي سگهي ٿو،ٻئي پاسي نيشنل اڪائونٽس مالي سال 2023-24ع جي نظرثاني معاشي انگن اکرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،گذريل سال جي ڊي پي گروٿ 2.52 سيڪڙو بدران 2.50 سيڪڙو رهي آهي،منصوبابندي سيڪريٽري جي صدارت ۾ نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو،مالي سال دوران في ڪس آمدني 1678 ڊالر رهي آهي،دستاويزن مطابق ان کان پهرين ڊالر ۾ في ڪس آمدني جو ڪاٿو 1680 ڊالر هو، مقامي ڪرنسي ۾ في ڪس آمدني 4 لک 72 هزار 263 رپين تي اچي وئي آهي ان کان پهرين في ڪس آمدني جو ڪاٿو 4 لک 75 هزار 281 رپيا هو،پڌرائي مطابق نيشنل اڪائونٽس ڪميٽي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي معاشي ڪارڪردگي جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي،جولاءِ کان سيپٽمبر معاشي اوسر جي شرح 0.29 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي،هن سال معاشي ترقي جو ساليانو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر آهي
2024ع معاشي اميدن تي پورو نه لٿو: معاشي ماهر
اسلام آباد(م ڊ) 2024ع پاڪستان جي معيشت لاءِ تبديليءَ جو سال ثابت ٿيو، معيشت بحالي طرف وڌي وئي پر ان سان لاڳاپيل اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، پائيدار ترقي لاءِ حڪومت کي سياسي استحڪام ۽ سائبر سيڪيورٽي ضابطن ۾ توازن رکڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي اقتصادي ماهرن پاليسي انسٽيٽيوٽ فار سسٽينبل ڊولپمينٽ پاران منعقد ڪيل 2024ع جي معاشي منظرنامي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شفقت منير ناڻي واري وزير جي تازي پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته 2023ع جي معاشي بحران کانپوءِ ڪجهه مثبت تبديلين جا اشارا مليا آهن، ايس ڊي پي آءِ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري 2025 کي معيشت لاءِ اهم سال قرار ڏنو. هن چيو ته نئين سال ۾ اسان کي آءِ ايم ايف پروگرام جي مڪمل ٿيڻ، ٽيڪس سڌارن، موسمياتي تبديلين جي انتظام ۽ سياسي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو پوندو، نامور اقتصاديات ڊاڪٽر خاقان حسن نجيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي بحالي لاءِ جامع سڌارا ضروري آهن، ڊاڪٽر فريحا ارمغان تعليم ۽ گورننس جهڙن شعبن ۾ مالي ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته اهو ضروري آهي ته مالي فيصلن کي موسمياتي تبديلي ۽ آفت جي خطري کي گهٽائڻ واري پاليسين سان ترتيب ڏيو، ڊاڪٽر ساجد امين جاويد چيو ته حڪومت کي توانائي جي مسئلن ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
شهباز حڪومت 2 سالن ۾ 27 هزار ارب قرض ورتو: مزمل اسلم
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم وفاقي وزيرن جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت قرض وٺندي آهي ۽ اسان قرض لاهيندا آهيون، شهباز شريف هڪ مهيني ۾ 77 سالن ۾ خيبرپختونخواهه جيترو قرض ورتو، شهباز شريف جي حڪومت 2 سالن ۾ 27 هزار ارب قرض ورتو، ايترو قرض وٺڻ ۾ خيبرپختونخواهه کي 2870 سال لڳندا، جيڪڏهن شهباز شريف روپئي جوو ملهه 175 مان 280 نه ڪري ها ته خيبرپختونخواهه جو قرض 450 ارب رپيا هجي ها، هن چيو ته خيبرپختونخواه پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جنهن قرض لاهڻ جو فنڊ ٺاهيو آهي.