ڪراچي(رپورٽر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ۽ 3 ڊيم ٺاهڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال شروع ٿي وئي آھي جيڪا سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين جاري رهندي، بک هڙتال جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينئير نائب صدر روشن علي ٻرڙو ڪئي،بک ھڙتالي ڪئمپ تي جگديش آهوجا، منير احمد نائچ، خواجه نويد، مختيار احمد ميمڻ،ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر،اصغر قريشي، ياسمين ٿيٻو، خادم ٻرڙو، فتح خاصخيلي، علي نواز گبول،ستار ڏاهري، روي راجوير،پرھ ملاح،شاھجھان جوڻيجو،حاجي سلطان گبول،سجاد سومرو،شاهد سيال،مصطفيٰ چانڊيو سميت مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، روشن علي ٻرڙو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا، سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي،ارسا پاڻي جي ورڇ دوران ھميشه سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ ظاھر ڪئي آھي، 1999ع کان 2023ع تائين سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي،هنن چيو ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو رويو بند ڪيو وڃي، ترقي جي نالي تي سنڌ کي بنجر نه بڻايو وڃي غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جو ڪنوينر سيد زين شاھ، جي ڊي اي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم اڄ بک هڙتال ۾ شرڪت ڪندڙن کي جوس پياري بک ھڙتال ختم ڪرائيندا.