ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ امن ريلي ڪڍي وئي، رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته سنڌ امن جي ماءُ رهي آهي پر 17 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڌاڙيل بڇايا آهن.اليڪشن ڏينهن ۾ اهي ڪچي جا علائقا سڀني لاءِ محفوظ هوند آهن پر اليڪشن بعد اهي ڪچي جا علائقا نوگوايريا بڻجي ويندا آهن، حڪمرانن لوفر ڌاڙيل پاليا آهن.اگر ڪنهن قوم جي سردار جو ماڻهو چور آهي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي هن چيو ته سردار تيغو خان تيغاڻي اليڪشن ۾ پ پ پ مخالف رهيو ان خلاف ڪيس داخل پيا ڪيا وڃن.سنڌ ۽ خاص ڪري ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر بدامني جي باهه گرم آهي ته ان جو ذميوار آصف زرداري ۽ بلاول آهن.سيشن جج صاحب هن ضلعي جي معاملن تي سختي سان نوٽيس وٺو،هن چيو ته پوري سنڌ نوگوايريا بڻيل آهي اسان کي ته گهرن مان کڻي ٿا وڃو باقي هي لوفر ڏوهاري ڇو آزاد آهن.سنڌو ڌرياء مٿان ڪينال ٺهن ٿا بدامني، بيروزگاري،قتل و عام جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي هن چيو ته 17 جنوري بعد آءُ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هڙتال جو سڏ ڏيندس ۽ انڊس هاءِ وي بند ڪيا ويندا ان بعد سکر ڊويزن ۾ هڙتال جو سڏ ڏيندس