چوڻي آھي تھ وقت ۽ وير ڪنھن جي لاءِ نھ ٽڪندا آھن، انگن انکرن جي لحاظ سان ھي سال 2024 پورو ٿي رھيو آھي،گذريل سال بھ لڳ ڀڳ سنڌ انھن ئي ساڳين مسئلن ۾ ڦاٿل ھئي ۽ تڏھن جيتوڻيڪ نگران سيٽ اپ ھو، پر ھن وقت جڏھن ھڪ چونڊيل حڪومت آھي تڏھن بھ صورتحال ۾ ڪو گھڻو فرق نھ پيو آھي.جائزي وٺڻ بعد ڪنھن بھ سطح تي ڪا بھ ڪيفيتي تبديلي نمايان نظر نٿي اچي جنھن کي ڳڻائي سگھجي.انساني حقن جو سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رھيون آھن. ماڻھو بک، بيروزگاري، مھانگائي ۽ بدامني سبب دانھون ڪن ٿا پر انھن جي ڪو ٻڌڻ وارو نھ آھي.رياست جي چئني ٿنڀن مان ڪنھن ھڪڙي جي بھ ڪارڪردگيءَ حوصلو ڏيندڙ نھ رھي آھي.
گذريل سال جڏھن سال ختم ٿي رھيو ھو تڏھن ماڻھون ڪشمور ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد پنھنجي پيارن جي لاءِ احتجاج منظم ڪري رھيا ھئا ۽ سياسي جماعتون چونڊن جي تياري ۾ رڌل ھيون.ھن وقت جڏھن سال پورو ٿي رھيو آھي تھ سنڌ جا ماڻھو بدامني سميت پاڻي تي وفاق جي لڳندڙ ڏينھن ڏٺي واري ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ ۾ مصروف آھن.انگ اکر ضرور بدلندا آھن، پر وقت سان گڏ سنڌ جي ماڻھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نھ ھئڻ ڪري نھ تھ اسڪول ۾ ٻارڙن جي داخلا وڌي سگھندي آھي ۽ نھ ئي وري عدليھ ۾ التوا ۾ پيل لکين ڪيسن جو ڪو اڪلاءُ ٿي سگھندو آھي.حڪومت جون دوائون پنھنجي جاءِ تي پر سنڌ جي عام ماڻھو جي زندگيءَ جي معيار ۾ ڪو وڏو تھ ٺهيو پر ڪو بھ ڦيرو نھ آيو آھي.
سال 2024 جي شروعات ملڪ ۾ اڳ ئي موجود سياسي غير يقيني صورتحال سان ٿي ھئي، خاص عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان دوکو ڪري ان کي پوئتي ڌڪيو ويو. جنھن ڪري شروع ٿيل ڇڪتان تاحال جاري آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف سان سپريم ڪورٽ ناانصافي ڪندي بيٽ واري چونڊ نشان سان چونڊ وڙھڻ جي اجازت نھ ڏني. پي ٽي آءِ اميدوارن کي مختلف چونڊ نشانن سان آزاد اميدوار طور وڙهڻ تي مجبور ڪيو ويو.8 فيبروري 2024 تي پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿيون. سياسي افراتفري ۽ سيڪيورٽي جو خدشو ھو. ان جو بھانو بڻائي حڪومت انٽرنيٽ تي بندش وجھي ڇڏي.عام چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن ۾ دير ۽ سستي سبب ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا، جنهن سبب عالمي سطح تي چونڊن جي ساک تي ڪيترائي سوال اٿاريا ويا.تاريخ جي ھي اھڙي چونڊ ھئي جنھن ۾ ڪا به پارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، جنهن سبب سياسي پارٽين وچ ۾ ڪيترن ئي هفتن جي مشاورت کانپوءِ نئين اتحادي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو. 2024 جي شروعات ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس گهر واريءَ بشرا بي بي کي عدالت مختلف ڪيس ۾ سزا ٻڌائي، سال جي آخر ۾ فوجي عدالت عام شھرين کي بھ سزا ٻڌائي جيڪي مئي واقعي ۾ ملوث ڄاڻايا ويا آھن.
آءِ ايس آءِ ، جي اڳوڻي ڊي جي جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي تحويل ۾ ورتو ويو.آڪٽوبر ۾ مختلف سياسي پارٽين وچ ۾ سياسي ملاقاتن جي نتيجي ۾ 20 آڪٽوبر تي 26 هين آئيني ترميم منظور ڪئي وئي.26 هين ترميم پارليامينٽ کي اختيار ڏئي ٿي ته هو پاڪستان جي چيف جسٽس کي ٽن سينيئر ججن مان ڪنھن ھڪ کي چونڊي ۽ چيف جسٽس جي سوموٽو اختيار کي محدود ڪيو ويو، اها ترميم پاڪستان جي عدالتي نظام لاءِ هڪ اهم تبديلي جي نشاندهي ڪري ٿي.جسٽس يحيٰ آفريدي کي پاڪستان جو 30 هون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، اهو پهريون چيف جسٽس آهي جنهن کي خاص پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن تي چونڊيو ويوآھي.ھڪ لحاظ سان سال 2024ع ”احتجاج جو سال“ رھيو. ڇاڪاڻ ته سڄو سال احتجاجن ۾ گذريو، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ حامي روڊن تي احتجاج ڪندا رھيا.پي ٽي آءِ ان احتجاج کي پنهنجي چئن مکيه مطالبن تحت منظم ڪيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي خاتمي، جمهوريت ۽ آئين جي بحالي، عوام جي مينڊيٽ جي واپسي ۽ ”بيگناهه سياسي“ قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو .
عام چونڊن جي غير متوقع نتيجن مختلف سياسي پارٽين ۾ عدم اطمينان جو احساس پيدا ڪيو، نتيجي ۾ احتجاجن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿيو ۽ سياسي بي يقيني ختم نھ ٿي.پي ٽي آءِ سان گڏ، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جيڪا اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي اتحادي رهي آهي، ۽ ٻين ڪيترن ئي پارٽين چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ الزام هنيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آھي.
سال 2024 ۾ سياسي ڇڪتاڻ سان گڏ پاڪستان کي ڪيترن ئي دهشتگرد حملن کي منهن ڏيڻو پيو، خاص ڪري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ان جو شڪار رھيا.آگسٽ ۾بلوچستان ۾ خطرناڪ حملن ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.آڪٽوبر ۾ ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني انجنيئرن جي قافلي کي آپگهاتي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا.نومبر ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا. ان کان علاوه داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ پنج چيني شهري به هلندڙ سال جي شروعات ۾ حملي ۾ مارجي ويا .گهرو وزارت جي رپورٽ موجب 2024 جي پهرين 10 مهينن ۾ دهشتگردي جا 1566 واقعا ٿيا، جن ۾ 924 ماڻهو مارجي ويا.
دهشتگردي کان علاوه ڪرم واري علائقي ۾ قبائلي جهيڙن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، امن جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۽ ان جي ناڪامي تي سوال اٿاريا ويا. سال جي پڄاڻي تي پارا چنار يعني ڪرم ۾ صورتحال خراب ٿيڻ ۽ ٻارڙن جي اسپتالن ۾ دوائن نھ ھئڻ ڪري فوت ٿيڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ڌرڻا جاري آھن.پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين اجلاس جي ڪاميابيءَ سان ميزباني ڪئي. هندستان جي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت هڪ اهم سفارتي پھلو ھو.حڪومتي ڌر ۽ معاشي ماھر دعويٰ ڪن پيا تھ ملڪ جي معاشي صورتحال بھتري ڏانھن وڌي رھي آھي.پر حڪومت اڃان عام ماڻھون کي ڪنھن قسم جو ڪو رليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نھ آھي.
ايندڙ سال جي آجيان ڪندي بھتر جي اميد ڪريون ٿا !