اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف مشاورت کان پوءِ حڪومت سامهون 2 مطالبا رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ ۽ قيدين جي آزادي جي مطالبن تي مشاورت ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف لکت طور رڳو ٻه مطالبا حڪومتي ٽيم سامهون رکندي، پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو لکت مطالبو رکندي.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف جيلن ۾ قيد ڪارڪنن جي آزادي جو لکت مطالبو به سامهون رکندي.
تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهيون ٻه جنوري تي ٿينديون.
You might also like