اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيڪس ڊپارٽمينٽ طرفان ايڊوانس ٽيڪس وصولي جي رقم جي واپسي جي درخواست تي ٻن مهينن ۾ فيصلو نه ڪرڻ تي ڪمشنر ان لينڊ ريونيو تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي اي کان ايڊوانس ٽيڪس جي مد ۾ هڪ ارب 37 ڪروڙ رپيا ڪٽوتي خلاف ڪيس جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار طرفان جاري ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف بي آر خلاف پي ٽي اي جي درخواست منظور ڪندي ٽيڪس ڊپارٽمينٽ کي پي ٽي اي جي واڌو ٽيڪس واپس ڪرڻ جي درخواست تي ٻن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڊپٽي ڪمشنر ان لينڊ ريونيو تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي هڪ مهيني ۾ رقم درخواست گذار کي ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته درخواست گذار موجب ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ايڊوانس ٽيڪس جو ٻيهر تعين ڪيو، ٽيڪس ڊپارٽمينٽ نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ بينڪ کان ٽيڪس جي مد ۾ رقم ڪاٽي ڇڏي، انڪم ٽيڪس آرڊيننس موجب ٽيڪس پيئر کي نوٽيس جاري ڪرڻ لازمي آهي، پراسيس تي عملدرآمد کانسواءِ ڪيل ڪارروائي درخواست گذار جي بنيادي حقن جي به خلاف آهي.
عدالت چيو ته درخواست گذار جي وڪيل موجب واڌو ڪاٽيل رقم واپس ڪرڻ لاءِ انهن درخواست داخل ڪئي، ڪمشنر ان لينڊ روينيو کي درخواست تي قانون موجب ٻن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻو هو پر هن فيصلو نه ڪيو.
واضح رهي ته پي ٽي اي سال 2018 ۾ ٽيڪس ڊپارٽمينٽ پاران هڪ ارب 37 ڪروڙ رپيا ڪٽوتي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
You might also like