ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڀارت ڪپتان روهت شرما باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کي مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
ميچ جي پڄاڻي واري تقريب دوران ڀارتي ڪپتان چيو ائين ناهي ته اسين مقابلي تان هٿ کڻي ورتو، اسين آخر تائين وڙهڻ چاهيون پيا، پر بدقسمتي سان ائين نه ڪري سگهياسين.
روهت شرما چيو ته جيڪڏهن توهان مجموعي طور تي ٽيسٽ ميچ تي نظر وجهو ته اسان وٽ موقعا موجود هئا، پر اسان انهن مان فائدو نه وٺي سگهياسين.
هن چيو ته اسان 90 رنسن تي آسٽريليا جون ڇهه وڪيٽون حاصل ڪري چڪا هئاسين. اسان ڄاڻون ٿا ته شيون ڏکيون ٿي سگهن ٿيون، اسين ڏکين حالتن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پر اِها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته اسان سٺي نه کيڏياسين.
ڀارتي ڪپتان چيو ته اسين هڪ ٽيم طور وڌيڪ بهتر ڪري سگهون پيا، پر مخالف ٽيم سخت مقابلو ڪيو، خاص طور تي آخري وڪيٽن جي ڀائيواري، جنهن سبب اسان کي نقصان ڀوڳڻو پيو.
هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته 340 آسان نه هو، پر اسان آخري ٻن سيشنن لاءِ هڪ پليٽ فارم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
آسٽريلوي ٽيم آخري سيشن ۾ بهترين بالنگ ڪئي، اسين هدف حاصل ڪرڻ چاهيون پيا، پر اسان پنهنجي طرفان پليٽ فارم سيٽ نه ڪري سگهياسين.
You might also like