ميلبورن (ويب ڊيسڪ) باڪسنگ ڊي ٽيسٽ کٽڻ کانپوءِ آسٽريلوي ڪپتان ميچ کي پنهنجي زندگيءَ جي دنگ ڪري ڇڏيندڙ ٽيسٽ ميچ قرار ڏئي ڇڏيو.
آسٽريليا کي بارڊر گواسڪر ٽرافي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ڀارت کي 184 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ميچ جي پڄاڻي واري تقريب دوران آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ميچ کي پنهنجي زندگيءَ جي حيرت انگيز ميچ قرار ڏيندي چيو ته هو سمجهي ٿو ته هو هڪ بهترين ٽيسٽ ميچ جو حصو رهيو آهي، سڄو هفتو شاندار رهيو، ميچ جو نتيجو دنگ ڪري ڇڏيندڙ هو.
ان کانسواءِ مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيندڙ ڪينگروز ڪپتان پيٽ ڪمنز جي ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي.
پنهنجي پوسٽ ۾ پيٽ ڪمنز باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ کي آل ٽائيم گريٽيسٽ ٽيسٽ مقابلن منجهان هڪ قرار ڏنو.
واضح رهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڏيڍ سئو سالن جي تاريخ ۾ شوقينن ان ميچ کان اڳ ايڏي وڏي انگ ۾ڪڏهن ميدان جو رخ نه ڪيو هو. پنجين ڏينهن به گرائونڊ تماشائي رڪارڊ انگ ۾ موجود هئا.