روس آذربائيجان ۾ مسافر جهاز غلطي سان ڪيرائڻ جو اعتراف ڪندي معافي گهري ورتي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس آذربائيجان جو مسافر جهاز غلطي سان ڪيرائڻ جو اعتراف ڪندي معافي گهري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي صدارتي آفيس ڪريملن مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر پيوٽن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان جهاز حادثي تي معذرت ڪئي پر هن روسي غلطي جو باقاعدي اعتراف نه ڪيو.
ڪريملن موجب روسي صدر ٽيليفون تي آذربائيجان جي صدر سان جهاز حادثي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته آذربائيجان جي جهاز جي لينڊنگ وقت گروزني ۾ فضائي دفاعي نظام فعال هو، ان وقت يوڪريني حملا ٿي رهيا هئا.
ان کان اڳ ڪريملن ترجمان چيو هو ته روسي فضائي حدن ۾ جهاز ڪريش ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي، آذربائيجان جي جهاز جڏهن گروزني ۾ لينڊنگ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت يوڪرين روس تي ڊرون حملا ڪيا هئا ۽ روسي فضائي دفاعي فورسز يوڪريني حملن جو جواب ڏئي رهيون هيون.
واضح رهي ته اربع ڏينهن آذربائيجان جو مسافر جهاز قازقستان جي شهر اڪتائو ڀرسان ڪري تباهه ٿيو هو، جنهن ۾ 38 ڄڻا فوت ۽ 29 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.