ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ملائيڪا اروڙا چيو آهي ته هوءَ نئين سال ۽ پنهنجي زندگي ۾ هڪ نئين شروعات لاءِ تيار آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران ملائيڪا اروڙا چيو ته هوءِ محدود شخصيت آهي ۽ سندس زندگيءَ جا ڪجهه اهڙا پهلو به آهن جن بابت هوءَ وضاحت نٿي ڪري چاهي.
سندس چوڻ هوته هوءَ پنهنجي زندگي بابت ڳالهائڻ لاءِ ڪڏهن به سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي چونڊ نه ڪندي، تنهنڪري ارجن جيڪوڪجهه به چيو يا لکيو اِهو مڪمل طور تي سندس اختيار آهي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته هوءَ رڳو اِهو چوڻ چاهي ٿي ته هلندڙ سال مختلف سببن جي بنياد تي ڏکيو رهيو، جيڪو ڪجهه ٿيو اِهو وساري اڳتي وڌڻو پوندو.
You might also like